اسلام آباد -04 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ علائقائي اڳڀرائي خاص ڪري غزه جي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن علائقائي اڳڀرائي خاص ڪري غزه جي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن نيويارڪ …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده بن فرحان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
اسلام آباد -04 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ علائقائي اڳڀرائي خاص ڪري غزه جي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن علائقائي اڳڀرائي خاص ڪري غزه جي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن نيويارڪ ۾ 8 عرب اسلامي ملڪن ۽ آمريڪا وچ ۾ مصروفيتن ۽ مشاورت سميت جاري سفارتي ڪوششن جو جائزو ورتو، جنهن جو مقصد فوري ۽ پائيدار جنگ بندي، بنا روڪ ٽوڪ جي انساني امداد کي يقيني بڻائڻ ۽ غزه ۾ پائيدار امن کي يقيني بڻائڻ آهي. نائب وزيراعظم انهن ڪوششن ۾ سعودي پرڏيهي وزير جي مسلسل مصروفيت ۽ تعميري ڪردار کي ساراهيو. هن صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تجويز تي حماس جي ردعمل سميت هاڻوڪي اڳڀرائي بابت به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن فلسطيني ڪاز لاءِ پنهنجي پختي عزم کي ورجايو. هنن ٻه رياستي حل تي ٻڌل منصفاڻي، جامع ۽ پائيدار امن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ عرب ۽اسلامي حصيدارن سان گڏوگڏ عالمي برادري سان ويجها رابطا رکڻ تي به اتفاق ڪيو.











