پي آءِ اي پاران برطانوي آپريشن جو باضابطا اعلان، شروعات 25 آڪٽوبر کان ٿيندي

اسلام آباد -04 آڪٽوبر (اي پي پي) پي آءِ اي پنهنجي  برطانوي آپريشن جو باضابطا اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي شروعات 25 آڪٽوبر کان ٿيندي. پي آءِ اي ترجمان پاران جاري بيان موجب پي آءِ اي پهرين مرحلي ۾ اسلام آباد کان مانچسٽر لاءِ هفتيوار ٻه اڏامون آپريٽ ڪندي. اڏامون ڇنڇر ۽ اڱاري تي آپريٽ ٿينديون. اسلام آباد کان شيڊول موجب پي آءِ اي جي اڏام 12 بجي روانو …

اسلام آباد -04 آڪٽوبر (اي پي پي) پي آءِ اي پنهنجي  برطانوي آپريشن جو باضابطا اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي شروعات 25 آڪٽوبر کان ٿيندي. پي آءِ اي ترجمان پاران جاري بيان موجب پي آءِ اي پهرين مرحلي ۾ اسلام آباد کان مانچسٽر لاءِ هفتيوار ٻه اڏامون آپريٽ ڪندي. اڏامون ڇنڇر ۽ اڱاري تي آپريٽ ٿينديون. اسلام آباد کان شيڊول موجب پي آءِ اي جي اڏام 12 بجي روانو ٿيندي ۽ شام جو 5 بجي مانچسٽر  پهچندي. مانچسٽر کان اڏام شام جو 7 وڳي روانو ٿيندي ۽ صبح جو 7 وڳي اسلام آباد پهچندي. مانچسٽر جي اڏامن ۾  آهستي آهستي  اضافو ڪيو ويندو ۽ ٻئي مرحلي ۾ لنڊن جون اڏامون به شروع ڪيون وينديون. اڏامن جي بڪنگ شروع ڪئي وئي آهي جنهن جو ڪرايو انتهائي مناسب آهي. هاڻي 15 ڪلاڪن جو سفر 8 ڪلاڪن جو ٿي وينديون. ترجمان ٻڌايو ته 5 سالن جي عرصي کان پوءِ پي آءِ اي ٻيهر اهو روٽ شروع ڪري رهي آهي.

مزید خبریں