پاڪستان اسرائيل کي تسليم نه ٿو ڪري، عالمي دنيا ۾ فلسطيني ڀينرن ڀائرن جو ڪيس زوردار طريقي سان وڙهيو: وزيراعظم شهباز شريف

اسلام آباد _ 03 - آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان اسرائيل کي تسليم نه ٿو ڪري، عالمي دنيا ۾ فلسطيني ڀينرن ڀائرن جو ڪيس زوردار طريقي سان وڙهيو، فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جو پراڻو خواب پورو ٿيندو، گلوبل صمود فلوٽيلا تان اسرائيلي حراست ۾ ورتل پاڪستانين کي حفاظت سان وطن واپس آڻينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ …

اسلام آباد _ 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان اسرائيل کي تسليم نه ٿو ڪري، عالمي دنيا ۾ فلسطيني ڀينرن ڀائرن جو ڪيس زوردار طريقي سان وڙهيو، فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جو پراڻو خواب پورو ٿيندو، گلوبل صمود فلوٽيلا تان اسرائيلي حراست ۾ ورتل پاڪستانين کي حفاظت سان وطن واپس آڻينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر جي صورتحال ۽ فلسطين ۾ جنگبندي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم فلسطين ۾ جنگبندي ۽ فلسطينين جي جاري قتل عام جي فوري روڪٿام جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان جو فلسطين مسئلي تي موقف واضح آهي، پاڪستان سدائين دنيا جي هر فورم تي پنهنجي معصوم فلسطيني ڀينرن ڀائرن جي لاءِ آواز اٿاريو آهي ۽ اڳتي به اٿاريندو رهندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پنهنجي فلسطيني ڀينرن ڀائرن جو ڪيس عالمي دنيا آڏو سدائين زوردار طريقي سان وڙهيو آهي. وزيراعظم 1967ع کان اڳ جي سرحدن سان گڏ فلسطيني رياست قائم ڪرڻ ۽ القدس الشريف جي بطور ان جي گادي واري شهر جي پاڪستان جي موقف کي پڻ ورجايو. هن چيو ته 8 اسلامي ملڪ فلسطين ۾ جنگبندي جي لاءِ پنهنجون فعال ۽ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهن، پراميد آهيون ته تمام جلد اهي ڪوششون ڪامياب ٿينديون ۽ امن سان  گڏوگڏ فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جو پراڻو خواب پورو ٿيندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف حافظ نعيم الرحمان کي ٻڌايو ته گلوبل صمود فلوٽيلا تان اسرائيلي حراست ۾ ورتل پاڪستانين خاص طور تي اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد خان جي وطن واپسي جي لاءِ حڪومت پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن واضح ڪيو ته پاڪستان اسرائيلي رياست کي تسليم نه ٿو ڪري نه ئي ان سان اسان جا سفارتي لاڳاپا آهن، پاڪستاني شهرين جي بازيابي ۽ حفاظت سان وطن واپسي جي لاءِ دوست ملڪن ۽ عالمي تنظيمن سان مسلسل رابطي ۾ آهيون، تمام جلد گلوبل صمود فلوٽيلا تان اسرائيلي حراست ۾ ورتل پاڪستانين کي حفاظت سان وطن واپس آڻينداسين. ٻنهي اڳواڻن ڪشمير ۾ موجود صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت ڪشمير ۾ امن جي حوالي سان پڻ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي  آهي ۽ ڪندي رهندي.

مزید خبریں