نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ 2022ع جي ٻوڏ جي لاءِ واعدو ڪيل امداد جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس

اسلام آباد _ 03 - آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ 2022ع جي ٻوڏ جي لاءِ واعدو ڪيل امداد جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ جاري ڪوششن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب ڪميٽي جاري ڪوششن تي اطمينان جو اظهار ڪيو پر هيومنيٽيرين ريليف، شروعاتي بحالي ۽ نئين سر …

اسلام آباد _ 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ 2022ع جي ٻوڏ جي لاءِ واعدو ڪيل امداد جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ جاري ڪوششن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب ڪميٽي جاري ڪوششن تي اطمينان جو اظهار ڪيو پر هيومنيٽيرين ريليف، شروعاتي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ ملٽي ليٽرل ۽ باءِ ليٽرل حصيدارن پاران واعدو ڪيل ترقياتي امداد جي اڳڀرائي جي نگراني جي لاءِ جلد کان جلد ٻيهر اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن ان تي وقت سر ۽ موثر طريقي سان عملدرآمد يقيني بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير، موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، پرائيويٽائيزيشن واري صلاحڪار ۽ لاڳاپيل وزارتن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں