وزيراعظم پاران عالمي سيڙپڪارن کي سمورين سهولتن جي فراهمي ۽ اقتصادي سرگرمين جي منصوبابندي ۾ نجي شعبي جي شموليت کي يقيني بڻائڻ جي هدايت

اسلام آباد _ 03 - آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي سيڙپڪارن کي سمورين سهولتن جي فراهمي ۽ اقتصادي سرگرمين جي منصوبابندي ۾ نجي شعبي جي شموليت کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته معيشت کي مضبوط بنيادن تي مستحڪم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، عوامي ڀلائي ۽ روزگار جا موقعا وڌائڻ جي لاءِ سيڙپڪاري جي سمورن موقعن کي استعمال ۾ آندو ويندو. وزيراعظم …

اسلام آباد _ 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي سيڙپڪارن کي سمورين سهولتن جي فراهمي ۽ اقتصادي سرگرمين جي منصوبابندي ۾ نجي شعبي جي شموليت کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته معيشت کي مضبوط بنيادن تي مستحڪم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، عوامي ڀلائي ۽ روزگار جا موقعا وڌائڻ جي لاءِ سيڙپڪاري جي سمورن موقعن کي استعمال ۾ آندو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ ملڪي معيشت ۽ پاڪستان ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري جي حوالي سان اجلاس ٿيو جنهن ۾ مجموعي اقتصادي صورتحال، سڌوسنئون غيرملڪي سيڙپڪاري جي فروغ ۽ جاري ۽ تجويز ڪيل ترقياتي منصوبن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، توانائي واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، ماحوليات واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، غذائي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، مواصلات ۽ نجڪاري واري وفاقي وزير عليم خان ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي معيشت کي مضبوط بنيادن تي مستحڪم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته اقتصادي سرگرمين جي منصوبابندي ۾ نجي شعبي جو اهم ڪردار هوندو، ان جي شموليت کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن کي عالمي سيڙپڪارن کي سمورين سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته تازو مثبت معاشي رجحان غيرملڪي سيڙپڪارن جي پاڪستاني معيشت تي اعتماد جو عڪاس آهي، شفافيت، عالمي معيار موجب معاشي پاليسين جي جوڙجڪ ۽ پاليسين تي فوري عملدرآمد جي ذريعي پاڪستان کي خطي ۾ سيڙپڪارن جو پرڪشش مرڪز بڻايو ويندو. هن چيو ته حڪومت عوامي ڀلائي ۽ روزگار جا موقعا وڌائڻ جي لاءِ سيڙپڪاري جي سمورن موقعن کي استعمال ۾ آڻيندي، اسان جي جاري معاشي ۽ اقتصادي سڌارن جي پاليسي معيشت کي هڪ نئون رخ ڏنو آهي ۽ ان جدت ۽ شفافيت جي ڪري ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن آهي. وزيراعظم چيو ته سيڙپڪاري سان گڏوگڏ واپار کي پڻ فروغ ڏيڻ اسان جي پاليسي جو حصو آهي. اجلاس ۾ توانائي، انفراسٽرڪچر، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ صنعتي شعبي ۾ جاري منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي.

مزید خبریں