نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ پائيدار ترقي جي هدفن جي اچيومنٽ پروگرام جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد _ 03 - آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پائيدار ترقي جي هدفن جي اچيومنٽ پروگرام جي 48هين اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ ان سان لاڳاپيل معاملن جو جائزو ورتو ويو ۽ انهن قدمن بابت اهم فيصلا ڪيا ويا. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار بنيادي ترقياتي ترجيحن جي …

اسلام آباد _ 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پائيدار ترقي جي هدفن جي اچيومنٽ پروگرام جي 48هين اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ ان سان لاڳاپيل معاملن جو جائزو ورتو ويو ۽ انهن قدمن بابت اهم فيصلا ڪيا ويا. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار بنيادي ترقياتي ترجيحن جي نشاندهي ڪرڻ جي لاءِ ڪميونٽي جي حصيداري جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته وسيلن کي موثر طريقي ۽ پاڪستان جي عوام جي بهترين مفاد ۾ استعمال ڪيو وڃي. اجلاس ۾ واپار، مواصلات ۽ بجلي وارن وزيرن کانسواءِ وزيراعظم جي خاص معاون ايم طارق باجوه، قومي اسيمبلي ميمبرن شازيه مري، اعجاز الحق، پلين بلوچ، ڪابينا سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں