آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير جي سعودي ٽيلي ڪام ڪمپنيءَ جي عملدارن سان ملاقات

رياض-03 آڪٽوبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه سعودي ٽيلي ڪام ڪمپنيءَ جي عملدارن سان ملاقات ڪئي آهي ۽ پاڪستان ۾ فائبر نيٽ ورڪ، ڪلائوڊ، سائبر سيڪيورٽي ۽ فِن ٽيڪ تي سهڪار تي ڳالهيون ڪيون ويون. وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ ڪاروباري موقعن ۽ سيڙپڪاريءَ جي امڪانن تي ڌيان ڏنو ويو.ملاقات ۾ پاڪستان جي ڪنيڪٽ پاڪستان 2030ع پاليسي جي روشنيءَ …

رياض-03 آڪٽوبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه سعودي ٽيلي ڪام ڪمپنيءَ جي عملدارن سان ملاقات ڪئي آهي ۽ پاڪستان ۾ فائبر نيٽ ورڪ، ڪلائوڊ، سائبر سيڪيورٽي ۽ فِن ٽيڪ تي سهڪار تي ڳالهيون ڪيون ويون. وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ ڪاروباري موقعن ۽ سيڙپڪاريءَ جي امڪانن تي ڌيان ڏنو ويو.ملاقات ۾ پاڪستان جي ڪنيڪٽ پاڪستان 2030ع پاليسي جي روشنيءَ ۾ ايس ٽي سي سان ڀائيواريءَ تي غور ڪيو ويو.پاڪستان ۾ فائبر نيٽ ورڪ، ڪلائوڊ، سائبر سيڪيورٽي ۽ فِن ٽيڪ تي سهڪار تي ڳالهيون ڪيون ويون.پاڪستان آءِ ٽي مارڪيٽ جي 3.8 ارب ڊالر ايڪسپورٽ ۽ 200 ملين موبائل صارفين کي سيڙپڪاريءَ لاءِ پُرڪشش قرار ڏنو ويو.ان موقعي تي فِن ٽيڪ ۽ ڪم لاڳت ڪراس بارڊر رپيمنٽس تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ريجنل ٽرانزٽ هب جي ڪردار کي مضبوط بڻائڻ تي زور ڀريو ويو.ان موقعي تي جي سي سي، ايشيا ۽ آفريقا کي ڪنيڪٽ ڪرڻ ۾ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ اهميت کي اجاگر ڪيو ويو.سب ميري ڪيبلز ۽ ڊجيٽل ڪنيڪٽوٽي منصوبن ۾ ڀائيواري جي موقعن تي پڻ غور ڪيو ويو.ايس ٽي سي سعودي عرب ۽ جي سي سي جي سڀ کان وڏي ٽيليڪام آپريٽر آهي ۽ ويزن 2030ع جي ڊجيٽل ايجندا ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

مزید خبریں