اسلام آباد-03 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت پاڪستان انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (پي آءِ ڊي سي ايل) کي ڪي پي ڪي ۽ سنڌ ۾ اٽڪل 37.43 ارب رپيا ماليت جي وڏن انفراسٽرڪچر منصوبن جو پورٽ فوليو ڏنو آهي. ويلٿ پاڪستان کي دستياب سرڪاري دستاويزن موجب ڪي پي ڪي ۾ پي آءِ ڊي ايل کي 7 نوان پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) منصوبا ڏنا ويا آهن جن …
وفاقي حڪومت طرفان پي آءِ ڊي سي ايل کي ڪي پي ڪي ۽ سنڌ ۾ 37 ارب رپيا ماليت جا انفراسٽرڪچر منصوبا مڪمل ڪرڻ جو هدف

مزید خبریں
اسلام آباد-03 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت پاڪستان انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (پي آءِ ڊي سي ايل) کي ڪي پي ڪي ۽ سنڌ ۾ اٽڪل 37.43 ارب رپيا ماليت جي وڏن انفراسٽرڪچر منصوبن جو پورٽ فوليو ڏنو آهي. ويلٿ پاڪستان کي دستياب سرڪاري دستاويزن موجب ڪي پي ڪي ۾ پي آءِ ڊي ايل کي 7 نوان پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) منصوبا ڏنا ويا آهن جن جي مجموعي لاڳت هڪ ارب 76 ڪروڙ 80 لک رپيا آهي. انهن ۾ سڀ کان اهم منصوبو شانگله ضلعي جي پُٺتي پيل علائقن جي ترقي آهي جنهن لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن ۽ اهو خرچ وفاق ۽ صوبي وچ ۾ 50-50 جي تناسبت سان ورهايو ويندو. سنڌ ۾ پي آءِ ڊي سي ايل کي 11 ترقياتي اسڪيمون ڏنيون ويون جن ۾ 8 ڪراچي ۽ 3 حيدرآباد ۾ آهن ۽ انهن جي مجموعي ماليت 4 ارب 15 ڪروڙ رپيا آهي. پي ايس ڊي پي منصوبن کان علاوه ڪمپنيءَ کي سنڌ ۽ ڪي پي ڪي ۾ اسپيشل اسسٽنٽس پروگرام (ايس اي پي) تحت اسڪيمون به ڏنيون ويون آهن. انهن ۾ مالي سال 25-2024ع لاءِ سنڌ ۾ 17 منصوبا شامل آهن، جن تي 4 ارب 25 ڪروڙ رپيا خرچ ايندو. ڪمپني ڪراچي اربن انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ تي به عمل ڪندي، جنهن جي لاڳت 15 ارب رپيا آهي ۽ ان جو پي سي ون سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي کي جمع ڪرائي ويو آهي. هڪ ٻيو وڏو منصوبو حيدرآباد اربن انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ پيڪيج (ريويمنگ اينڊ ري هيبيليٽيشن) آهي جنهن جي لاڳت 5 ارب رپيا آهي، ان جو پي سي ون به سي ڊبليو پي کي موڪليو ويو آهي. وڌيڪ اهو ته تنظيم ڪراچيءَ ۾ وفاقي عدالتن جي تعمير جو به منصوبو رکي ٿي، جنهن تي اندازن 4 ارب رپيا لاڳت ايندي ۽ ان منصوبي جو نظرثاني شده پي سي ون جلد پيش ڪيو ويندو.











