اسلام آباد-03 آڪٽوبر (اي پي پي) حج 2026ع جي سرڪاري حج اسڪيم جي حج بقايائن جي ٻي ۽ آخري قسط 3 کان 10 نومبر تائين وصول ڪئي ويندي. حج بقايا 14 چونڊ بئنڪن ۾ جمع ڪرائي سگهبي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ذريعن موجب وزارت حج خرچن کي گهٽ کان گهٽ سطح تي رکڻ لاءِ پيڪيج تي ڪم ڪري رهي آهي جنهن جو اعلان جلد ڪيو ويندو. ڊبل بيڊ فيملي …
حج 2026ع جي سرڪاري حج اسڪيم جي حج رهتن جي ٻي ۽ آخري قسط 3 کان 10 نومبر تائين وصول ڪئي ويندي

مزید خبریں
اسلام آباد-03 آڪٽوبر (اي پي پي) حج 2026ع جي سرڪاري حج اسڪيم جي حج بقايائن جي ٻي ۽ آخري قسط 3 کان 10 نومبر تائين وصول ڪئي ويندي. حج بقايا 14 چونڊ بئنڪن ۾ جمع ڪرائي سگهبي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ذريعن موجب وزارت حج خرچن کي گهٽ کان گهٽ سطح تي رکڻ لاءِ پيڪيج تي ڪم ڪري رهي آهي جنهن جو اعلان جلد ڪيو ويندو. ڊبل بيڊ فيملي روم چونڊ ڪندڙن کي لازمي واڌو 2 لک رپيا في ڪس جمع ڪرائڻا پوندا. ٽرپل بيڊ فيملي روم جي چونڊ ڪندڙن کي واڌو 67 هزار رپيا في ڪس ادا ڪرڻا پوندا. حج درخواستگذار ٻي قسط جمع ڪرائڻ وقت پيڪيج تبديل پڻ ڪرائي سگهن ٿا. ٻي قسط جي وصوليءَ کان پوءِ حج پيڪيج تبديل ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. ٻي قسط وقت سر جمع نه ڪرائڻ تي حج درخواست رد تصور ٿيندي. رد درخواستن جي جمع ٿيل پهرين قسط جي رقم بئنڪ اڪائونٽ ۾ واپس اُماڻي ويندي.











