وقتي صدر ۽ آءِ ايس سي جي باني چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي ملائيشيا جي پارليامينٽ جي هيٺئين ايوان جي اسپيڪر سينيٽ جي صدر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد _ 03 - آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر ۽ بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس (آءِ ايس سي) جي باني چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ملائيشيا جي پارليامينٽ جي هيٺئين ايوان جي اسپيڪر تان سري داتو ڊاڪٽر جوهري عبدل ۽ سينيٽ ديوان نيگرا جي صدر داتوڪ آوانگ بيمي آوانگ علي بساهه سان ٽيليفون تي جدا جدا ڳالهه ٻولهه ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب سيد …

اسلام آباد _ 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر ۽ بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس (آءِ ايس سي) جي باني چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ملائيشيا جي پارليامينٽ جي هيٺئين ايوان جي اسپيڪر تان سري داتو ڊاڪٽر جوهري عبدل ۽ سينيٽ ديوان نيگرا جي صدر داتوڪ آوانگ بيمي آوانگ علي بساهه سان ٽيليفون تي جدا جدا ڳالهه ٻولهه ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب سيد يوسف رضا گيلاني ٻنهي اڳوڻن کي هن سال 10 کان 12 نومبر تائين اسلام آباد ۾ سينيٽ آف پاڪستان جي ميزباني ۾ ٿيندڙ بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. وقتي صدر ڳالهه ٻولهه دوران علائقائي امن، افهام تفهيم ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ پارلياماني سفارتڪاري جي اهميت جو ذڪر ڪندي پاڪستان سان ملائيشيا جي ثابت قدم دوستي ۽ بين الپارلياماني لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ ان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو. ملائيشيا جي ٻنهي اڳواڻن دعوت جي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان ۽ ملائيشيا جي پارليامينٽن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں