اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران اي پي پي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عدنان اڪرم باجوه ۽ شريڪ جوابدار شاهد لطيف جون عبوري ضمانتون خارج، گرفتار

اسلام آباد _ 03 - آڪٽوبر (اي پي پي)  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اي پي پي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عدنان اڪرم باجوه ۽ شريڪ جوابدار شاهد لطيف جون عبوري ضمانتون خارج ڪري ڇڏيون. عدالت جي فيصلي کانپوءِ ايف آءِ اي اهلڪارن ٻنهي جوابدارن کي عدالت جي احاطي مان گرفتار ڪري ورتو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد اعظم خان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران …

اسلام آباد _ 03 – آڪٽوبر (اي پي پي)  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اي پي پي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عدنان اڪرم باجوه ۽ شريڪ جوابدار شاهد لطيف جون عبوري ضمانتون خارج ڪري ڇڏيون. عدالت جي فيصلي کانپوءِ ايف آءِ اي اهلڪارن ٻنهي جوابدارن کي عدالت جي احاطي مان گرفتار ڪري ورتو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد اعظم خان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اي پي پي جو ليگل ايڊوائيزر راڻا روحيل ۽ خرم بيگ ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ جوابدارن جي ڪردار تي روشني وڌي. راڻا روحيل عدالت کي ٻڌايو ته عدنان اڪرم باجوه غيرقانوني طور تي پراويڊنٽ فنڊ جي منتقلي جي اجازت ڏني جنهن کانپوءِ شريڪ جوابدارن ملازمن جي لاءِ مخصوص ڪروڙين روپيا جيڪي اصل ۾ ملازمن جي امانت هئا، غيرقانوني طور تي ٻين اڪائونٽس ۾ منتقل ڪيا. انهي دوران اي پي پي جي وڪيل خرم بيگ ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته جوابدار شاهد لطيف جعلي سيلري شيٽس ۽ ڪريڊٽ شيٽس تيار ڪندو رهيو جن جي بنياد تي ڪروڙين رپين جون غيرقانوني پگهار ٺاهيا ويا ۽ قومي خزاني کي وڏو نقصان پهچايو ويو. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ٻنهي جوابدارن پاران داخل عبوري ضمانت جون درخواستون خارج  ڪري ڇڏيون. فيصلي جي فوري پوءِ ايف آءِ اي ٽيم جوابدارن کي عدالت جي احاطي مان گرفتار ڪري ورتو. ياد رهي ته ايف آءِ اي ان ڪيس ۾ مجموعي طور تي 16 جوابدارن جي خلاف ڪارروائي شروع ڪري رکي آهي جن تي ملازمن جي فنڊز ۽ قومي خزاني ۾ ڪروڙين رپين جي گهپلن جا الزام آهن.

مزید خبریں