اسلام آباد _ 03 - آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ضلعي شيراني ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي خاتمي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت ۽ جرئت ساراهه جوڳي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته ملڪ دشمن عنصرن جي ارادن کي خاڪ ۾ …
صدر پاران ضلعي شيراني ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد _ 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ضلعي شيراني ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي خاتمي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي مهارت ۽ جرئت ساراهه جوڳي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته ملڪ دشمن عنصرن جي ارادن کي خاڪ ۾ ملائيندڙ جوان قوم جا هيرو آهن. هن چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ فوج دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ ڪلهوڪلهي سان ملائي بيٺل آهن، رياست پاڪستان پنهنجي شهرين جي تحفظ ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم جاري رکندي. صدر آصف علي زرداري چيو ته قوم پنهنجي شهيدن کي عقيدت جو سلام پيش ڪري ٿي.











