وزيراعظم پاران ضلعي شيراني ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد _ 03 - آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي شيراني ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي 7 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته معصوم شهرين جي جان ۽ مال …

اسلام آباد _ 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي شيراني ۾ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي 7 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته معصوم شهرين جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائيندڙ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي شڪست ڏني وئي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهن. هن چيو ته پاڪستان جي سالميت کي نقصان پهچائڻ جي خواهشمند عنصرن کي هرگز ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.

مزید خبریں