اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪُون

اسلام آباد _ 03 - آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته آزاد، فعال ۽ متحرڪ ميڊيا جمهوريت جي مضبوطي ۽ جمهوري قدرن جي فروغ جي لاءِ لازمي آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل صدر ايم بي سومرو، نائب صدر عثمان خان ڪاڪڙ، …

اسلام آباد _ 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته آزاد، فعال ۽ متحرڪ ميڊيا جمهوريت جي مضبوطي ۽ جمهوري قدرن جي فروغ جي لاءِ لازمي آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل صدر ايم بي سومرو، نائب صدر عثمان خان ڪاڪڙ، سيڪريٽري نويد اڪبر، جوائنٽ سيڪريٽري اورنگزيب ڪاڪڙ، انفارميشن سيڪريٽري جاويد حسين، فنانس سيڪريٽري شاڪر عباسي ۽ گورننگ باڊي جي ٻين ميمبرن کي مبارڪباد ڏني. عطاءُ الله تارڙ چيو ته حڪومت اظهار راءِ جي بنيادي، جمهوري ۽ آئيني حق تي پختو يقين رکي ٿي، آزاد، فعال ۽ متحرڪ ميڊيا جمهوريت جي مضبوطي ۽ جمهوري قدرن جي فروغ جي لاءِ لازمي آهي. هن چيو ته پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل عهديدارن جي ڪاميابي صحافتي برادري جي اعتماد جو اظهار آهي. پارليامينٽ جي ڪارروائي عوام تائين پهچائڻ ۾ پي آر اي جي ڪردار کي ساراهيندي وفاقي وزير اميد ظاهر ڪئي ته پي آر اي جا نوان چونڊيل عهديدار صحافت جي اعليٰ پيشيواراڻي معيارن کي وڌيڪ فروغ ڏيندا ۽ صحافي برادري جي حقن جي تحفظ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار جاري رکندا.

مزید خبریں