راولپنڊي-03 آڪٽوبر (اي پي پي)سيڪيورٽي فورسز جي بلوچستان جي ضلعي شيراني ۾ ڳجهي معلومات تي ڪيل ڪارروائي ۾ ڀارتي حمايت يافته 07 خارجي دهشتگرد مارجي ويا آهن. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پاران جاري ڪيل بيان مطابق پهرين آڪٽوبر 2025ع تي سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي شيراني ۾ ڳجهي معلومات تي آپريشن ڪيو جنهن ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ دهشتگردن جي …
سيڪيورٽي فورسز جي بلوچستان جي ضلعي شيراني ۾ ڪارروائي، ڀارتي حمايت يافته 07 دهشتگرد مارجي ويا

مزید خبریں
راولپنڊي-03 آڪٽوبر (اي پي پي)سيڪيورٽي فورسز جي بلوچستان جي ضلعي شيراني ۾ ڳجهي معلومات تي ڪيل ڪارروائي ۾ ڀارتي حمايت يافته 07 خارجي دهشتگرد مارجي ويا آهن. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پاران جاري ڪيل بيان مطابق پهرين آڪٽوبر 2025ع تي سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي شيراني ۾ ڳجهي معلومات تي آپريشن ڪيو جنهن ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ دهشتگردن جي موجودگي جو اطلاع مليو هو. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز اثرائتي نموني دهشتگردن جي ٺڪاڻن جو گهيراءُ ڪيو ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 7 ڀارتي حمايت يافته دهشتگرد مارجي ويا. دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، گولابارود ۽ ڌماڪيدار مادو پڻ هٿ ڪيو ويو جيڪو علائقي ۾ دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ استعمال هيٺ رهيو. سيڪيورٽي فورس ملڪ مان ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.











