اسلام آباد _ 02 - آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه ويندڙ ”گلوبل صمود فلوٽيلا“ ۾ پاڪستاني شهرين جي باوقار شرڪت کي ساراهيندي انهن جي واپسي جو مطالبو ڪيو آهي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته مشتاق احمد خان، مظهر سعيد شاهه، وهاج احمد، ڊاڪٽر اسامه رياض، اسماعيل خان، سيد عزيز نظامي ۽ فهد اشتياق سميت ٻين پاڪستانين انساني همدرديءَ جي اصولن موجب ان عظيم …
وزيراعظم پاران غزه ويندڙ ”گلوبل صمود فلوٽيلا“ ۾ پاڪستاني شهرين جي باوقار شرڪت جي واکاڻ

مزید خبریں
اسلام آباد _ 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه ويندڙ ”گلوبل صمود فلوٽيلا“ ۾ پاڪستاني شهرين جي باوقار شرڪت کي ساراهيندي انهن جي واپسي جو مطالبو ڪيو آهي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته مشتاق احمد خان، مظهر سعيد شاهه، وهاج احمد، ڊاڪٽر اسامه رياض، اسماعيل خان، سيد عزيز نظامي ۽ فهد اشتياق سميت ٻين پاڪستانين انساني همدرديءَ جي اصولن موجب ان عظيم امدادي مشن ۾ حصو ورتو. اهو قدم پاڪستاني عوام جي امن پسند امنگن، انصاف جي لاءِ جدوجهد ۽ ضرورتمندن جي مدد جي جذبي جي نمائندگي ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان حڪومت انساني جان جي احترام، محفوظ پهچ ۽ بنا رڪاوٽ امداد جي اصولن جي حمايت ڪري ٿي ۽ پنهنجي شهرين جي واپسي جو ڀرپور مطالبو ڪري ٿي ۽ انهن جي سلامتي ۽ وقار ۽ جلد کان جلد وطن واپسي جي لاءِ دعاڳو آهي ۽ ڪوششون ڪري رهي آهي.











