سمورن صوبن کي اين ايف سي ايوارڊ تحت فنڊز ڏنا پيا وڃن: وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني

پشاور _ 02 - آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته سمورن صوبن کي اين ايف سي ايوارڊ تحت فنڊز ڏنا پيا وڃن، سمورين پارٽين کي گڏجي امن امان جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي، خيبرپختونخواهه ۾ پيپلزپارٽي کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين، ماضي ۾ صدر آصف علي زرداري اختيار پارليامينٽ جي حوالي ڪيا، ڪو به جمهوري صدر ئي ائين ڪري سگهيو ٿو. اهڙن خيالن جو …

پشاور _ 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته سمورن صوبن کي اين ايف سي ايوارڊ تحت فنڊز ڏنا پيا وڃن، سمورين پارٽين کي گڏجي امن امان جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي، خيبرپختونخواهه ۾ پيپلزپارٽي کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين، ماضي ۾ صدر آصف علي زرداري اختيار پارليامينٽ جي حوالي ڪيا، ڪو به جمهوري صدر ئي ائين ڪري سگهيو ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پشاور ۾ خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته سمورن صوبن کي اين ايف سي ايوارڊ تحت فنڊز ڏنا پيا وڃن. هن چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان پاڪستان اڪيلي نه پر سعودي عرب سميت ٻين ملڪن گڏجي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته سمورين پارٽين کي گڏجي امن امان جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڪالهه پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن جي وچ ۾ خوشگوار ماحول ۾ ملاقات ٿي. هن چيو ته خيبرپخوتنخواهه ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري اختيار پارليامينٽ کي منتقل ڪيا، ان کان اڳ صدر وٽ اسيمبلين کي تحليل ڪرڻ جو اختيار هو، هڪ جمهوري صدر ئي ائين ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته اسان گڏجي هن ملڪ کي 1973ع جو آئين ڏنو ۽ ميثاق جمهرويت جي صورت ۾ 1973ع جو آئين بحال ڪيو. پاڪستان پيپلزپارٽي هن ملڪ ۽ جمهوريت جي لاءِ پنهنجي قيادت جون قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جي موقف کي بهترين طريقي سان پيش ڪيو جنهن کي دنيا تسليم ڪيو جڏهن ته ڀارت جي موقف کي تسليم نه ڪيو ويو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته سينيٽ ۾ قانونسازي مشاورت سان ڪئي وڃي ٿي. نئين صوبن جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آئين ۾ ان جي لاءِ واضح طريقيڪار موجود آهي.

مزید خبریں