پشاور _ 02 - آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان جي وقتي صدر ۽ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني گورنر هائوس پشاور ۾ صوبائي اسيمبلي جي مخالف ڌر ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي عورت ميمبرن سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، پاڪستان پيپلزپارٽي جو صوبائي صدر محمد علي پاشا باچا ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ڊاڪٽر عبادالله پڻ موجود هو. ملاقات ۾ صوبي …
پاڪستان جي وقتي صدر پاران گورنر هائوس پشاور ۾ صوبائي اسيمبلي جي مخالف ڌر ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي عورت ميمبرن سان ملاقات

مزید خبریں
پشاور _ 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان جي وقتي صدر ۽ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني گورنر هائوس پشاور ۾ صوبائي اسيمبلي جي مخالف ڌر ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي عورت ميمبرن سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، پاڪستان پيپلزپارٽي جو صوبائي صدر محمد علي پاشا باچا ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ڊاڪٽر عبادالله پڻ موجود هو. ملاقات ۾ صوبي جي سياسي صورتحال، وفاقي حڪومت بابت معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني اسيمبلي ميمبرن کي انهن جي خدشن جي حل لاءِ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي اسيمبلي ميمبرن گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي ڪردار کي ساراهيو جنهن تي سينيٽ چيئرمين گيلاني ريمارڪس ڏنا ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي صوبائي حڪومت جي فاشسٽ ۽ غيرجمهوري رويي جي باوجود جهڙي طرح فيصل ڪريم ڪنڊي گورنر آفيس هلائي رهيو آهي، اهو ساراهه جوڳو آهي. ٻئي طرف وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني گورنر هائوس ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي ۽ صوبائي اڳواڻن سان پڻ ملاقات ڪئي جن ۾ پيپلزپارٽي جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل انجنيئر همايون خان، صوبائي صدر محمد علي پاشا باچا، اڳوڻا وفاقي وزير انجم الدين خان ۽ ساجد حسين طوري، اڳوڻو صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري اطلاعات امجد خان آفريدي، اڳوڻو اسپيڪر ۽ ايم اي پي ڪرامت الله خان چغرمٽي، خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ پارلياماني ليڊر احمد ڪريم ڪنڊي، ايم پي اي ارباب زرڪ خان خليل، ڊويزنل صدر مصباح الدين، ضلعي صدر رضا الله چغرمٽي، صوبائي جوائنٽ سيڪريٽري ملڪ سعيد ۽ ريڊ ڪريسنٽ خيبرپختونخواهه جو چيئرمين فرزند علي وزير شامل هئا. ملاقات دوران پارٽي تنظيمي معاملن، صوبي جي سياسي صورتحال ۽ ٻين لاڳاپيل مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وقتي صدر ايم پي اي شازيه طهماس جي مرحوم والد جي روح جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي. وقتي صدر گورنر هائوس جي مختلف چيمبرز جو دورو پڻ ڪيو.











