لنڊن _ 02 - آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آزاد ڪشمير جي صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي مظاهرين سان تحمل سان پيش اچڻ ۽ ڪنهن به قسم جي غيرضروري سختي کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ حڪومتي سطح تي مسئلي جي پرامن حل جي لاءِ ڳالهه ٻولهه واري ڪميٽي ۾ توسيع ڪري ڇڏي آهي ۽ سينيٽر راڻا ثناءُ …
وزيراعظم پاران آزاد ڪشمير جي صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار

مزید خبریں
لنڊن _ 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آزاد ڪشمير جي صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي مظاهرين سان تحمل سان پيش اچڻ ۽ ڪنهن به قسم جي غيرضروري سختي کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ حڪومتي سطح تي مسئلي جي پرامن حل جي لاءِ ڳالهه ٻولهه واري ڪميٽي ۾ توسيع ڪري ڇڏي آهي ۽ سينيٽر راڻا ثناءُ الله، وفاقي وزير سردار يوسف، احسن اقبال، آزاد ڪشمير جي اڳوڻي صدر مسعود خان ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائره کي ڪميٽي ۾ شامل ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف آزاد ڪشمير جي صورتحال جو سخت نوٽيس وٺندي اتان جي شهرين کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪئي. وزيراعظم چيو ته پرامن احتجاج هر شهري جو آئيني ۽ جمهوري حق آهي جڏهن ته مظاهرين عوامي امن کي نقصان پهچائڻ کان پاسو ڪن. هن چيو ته حڪومت پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ هر وقت تيار آهي. وزيراعظم مظاهرن دوران ٿيندڙ اڻوڻندڙ واقعن جي شفاف جاچ جو حڪم ڏنو. وزيراعظم احتجاجي مظاهرن جي ڪري متاثر ٿيندڙ خاندانن تائين فوري امداد پهچائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. بيان موجب حڪومتي سطح تي مسئلي جي پرامن حل جي لاءِ ڳالهه ٻولهه واري ڪميٽي ۾ سينيٽر راڻا ثناءُ الله، وفاقي وزير سردار يوسف، احسن اقبال، آزاد ڪشمير جي اڳوڻي صدر مسعود خان ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائره کي شامل ڪيو ويو آهي. وڌيڪ اهو ته وزيراعظم ڳالهه ٻولهه واري ڪميٽي کي فوري طور تي مظفرآباد وڃڻ ۽ مسئلن جو فوري حل ڪڍڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ايڪشن ڪميٽي جي ميمبرن ۽ قيادت کي اپيل ڪئي ته اهي حڪومتي ڳالهه ٻولهه واري ڪميٽي سان تعاون ڪن. ڪميٽي پنهنجون سفارشون ۽ تجويز ڪيل حل بنا دير جي وزيراعظم آفيس ڏانهن موڪليندي ته جيئن مسئلن جي فوري تدارڪ جي لاءِ قدم کڻي سگهجن. وزيراعظم وطن واپسي تي ڳالهه ٻولهه جي عمل جي پاڻ نگراني ڪرڻ جو اعلان ڪيو.











