وزيراعظم پاران ”صمود غزه فلوٽيلا“ تي اسرائيلي فوج جي بزدلاڻي حملي جي شديد مذمت

اسلام آباد _ 02 - آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ”صمود غزه فلوٽيلا“ تي اسرائيلي فوج جي بزدلاڻي حملي جي شديد مذمت ڪندي سمورن امدادي ڪارڪنن جي فوري ۽ غيرمشروط آزادي ۽ فلسطينين تائين امداد جي بنا رڪاوٽ پهچ جو مطالبو ڪيو آهي. ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اسرائيلي ڏاڍ کي فوري طور تي روڪڻ ۽ فلسطين ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ کي يقيني …

اسلام آباد _ 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ”صمود غزه فلوٽيلا“ تي اسرائيلي فوج جي بزدلاڻي حملي جي شديد مذمت ڪندي سمورن امدادي ڪارڪنن جي فوري ۽ غيرمشروط آزادي ۽ فلسطينين تائين امداد جي بنا رڪاوٽ پهچ جو مطالبو ڪيو آهي. ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اسرائيلي ڏاڍ کي فوري طور تي روڪڻ ۽ فلسطين ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ ئي وقت جي سڀ کان وڏي گهرج آهي. ان فلوٽيلا ۾ 44 ملڪن جا 450 کان وڌيڪ امدادي ڪارڪن سوار هئا، جن کي اسرائيلي فوج غيرقانوني طور تي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته انهن بي لوث ڪارڪنن جو واحد ڏوهه بيوس ۽ مظلوم فلسطيني عوام جي لاءِ امداد کڻي وڃڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان انهن سمورن ڪارڪنن جي فوري ۽ غيرمشروط آزادي ۽ فلسطينين تائين امداد جي بنا رڪاوٽ پهچ جو مطالبو ڪري ٿو.

مزید خبریں