پاڪستان ۽ تاجڪستان پاران علائقائي ٽرانسپورٽ لنگهن جي اهميت کي اجاگر ۽ ڪاسا – 1000 منصوبي کي جلد عملي شڪل ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ

اسلام آباد _ 02 - آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ تاجڪستان علائقائي ٽرانسپورٽ لنگهن جي اهميت کي اجاگر ۽ ڪاسا – 1000 منصوبي کي جلد عملي شڪل ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ڇهون اجلاس 29، 30 سيپٽمبر 2025ع تي دوشنبي ۾ ٿيو. پاڪستاني وفد جي قيادت ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري …

اسلام آباد _ 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ تاجڪستان علائقائي ٽرانسپورٽ لنگهن جي اهميت کي اجاگر ۽ ڪاسا – 1000 منصوبي کي جلد عملي شڪل ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ڇهون اجلاس 29، 30 سيپٽمبر 2025ع تي دوشنبي ۾ ٿيو. پاڪستاني وفد جي قيادت ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري ۽ اولهه ايشيا ۽ افغانستان) سيد علي اسد گيلاني ڪئي، جڏهن ته تاجڪستان پاران نائب پرڏيهي وزير فاروخ شريف زاده اجلاس جي سربراهي ڪئي. اجلاس ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي وسيع دائري تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ سياسي ۽ پارلياماني رابطن، واپار ۽ سيڙپڪاري، دفاع ۽ سلامتي، توانائي، رابطن (ڪنيڪٽيويٽي)، ثقافتي ۽ تعليمي مٽاسٽا، گهڻ رخي تعاون ۽ قونصلر معاملا شامل هئا. ٻنهي ڌرين ٻطرفي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اعليٰ سطح جا دورا حصيداري کي نئين قوت ۽ رخ فراهم ڪن ٿا. اجلاس ۾ واپار جي فروغ جي امڪانن تي پڻ غور ڪيو ويو، خاص طور تي ٽيڪسٽائيل، لاجسٽڪس، زراعت ۽ خوراڪ ۽ دواسازي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي ڌرين علائقائي ٽرانسپورٽ لنگهن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ ڪاسا – 1000 منصوبي کي جلد عملي شڪل ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، جيڪو علائقائي انضمام ۽ توانائي جي تحفظ کي مستحڪم ڪرڻ ۾ مددگار آهي. دفاع ۽ سلامتي جي تعاون تي پڻ جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي قدمن، تربيتي پروگرامز ۽ وفدن جي مٽاسٽا تي ڳالهه ٻولهه شامل هئي. ٻنهي ملڪن خطي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جن ۾ ڏکڻ ايشيا جي صورتحال ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال شامل هئي. ٻنهي ڌرين تڪرارن جي حل لاءِ سفارتڪاري ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن جي پاسداري تي زور ڏنو. اها مشاورت دوستاڻي ۽ تعميري ماحول ۾ ٿي. ٻنهي ملڪن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ٻطرفي سياسي مشاورت جو ستون اجلاس 2026ع ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندو. دوري دوران ايڊيشنل سيڪريٽري ٽرانسپورٽ واري نائب وزير، اقتصادي ترقي ۽ واپار واري نائب وزير ۽ سفارتڪارن جي تربيت بابت انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر سان پڻ ملاقات ڪيون. ان کانسواءِ هن پنج فري اڪنامڪ زون ۽ پنج پايون جي ڪمرشل ڪسٽمز فيسلٽي جو پڻ دورو ڪيو.

مزید خبریں