پاڪستان پاران انڊونيشيا ۽ فلپائن ۾ تازي زلزلن سبب جاني ۽ مالي نقصان تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد _ 02 - آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان انڊونيشيا ۽ فلپائن ۾ تازي زلزلن سبب جاني ۽ مالي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان انڊونيشيا ۽ فلپائن جي حڪومتن ۽ عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون ۽ ان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ٻنهي …

اسلام آباد _ 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان انڊونيشيا ۽ فلپائن ۾ تازي زلزلن سبب جاني ۽ مالي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان انڊونيشيا ۽ فلپائن جي حڪومتن ۽ عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون ۽ ان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ٻنهي ملڪن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا.

مزید خبریں