حب-02 آڪٽوبر (اي پي پي) بلوچستان جي ضلعي لسٻيلا جي تعلقي اوٿل ۾ آر سي ڊي هاءِ وي زيرو پوائنٽ ويجهو تيز رفتاري سبب ڪوچ ۽ ٽرڪ ۾ خطرناڪ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا. تفصيل موجب لسٻيله ضلعي جي تعلقي اوٿل ۾ آر سي ڊي هاءِ وي زيرو پوائنٽ ويجهو رات جو ڪوچ ۽ ٽرڪ وچ ۾ تيز رفتاري …
حب ۾ آر سي ڊي هاءِ وي تي تيز رفتاري سبب ڪوچ ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ،7 ڄڻا فوت، 16 زخمي

مزید خبریں
حب-02 آڪٽوبر (اي پي پي) بلوچستان جي ضلعي لسٻيلا جي تعلقي اوٿل ۾ آر سي ڊي هاءِ وي زيرو پوائنٽ ويجهو تيز رفتاري سبب ڪوچ ۽ ٽرڪ ۾ خطرناڪ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا. تفصيل موجب لسٻيله ضلعي جي تعلقي اوٿل ۾ آر سي ڊي هاءِ وي زيرو پوائنٽ ويجهو رات جو ڪوچ ۽ ٽرڪ وچ ۾ تيز رفتاري سبب خطرناڪ ٽڪر ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ عورت ۽ ٻارن سميت 7 ڄڻا فوت جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سميت 16 مسافر شديد زخمي ٿيا آهن. حادثي جو اطلاع ملندي ئي ڊي ايس پي اوٿل حاصل خان قمبراڻي، ايس ايڇ او اوٿل جان محمد، ايڊيشنل ايس ايڇ او شاهد اقبال، ريسڪيو 1122، ايڌي ۽ لسٻيله ويلفيئر ٽرسٽ جا رضاڪار فوري طور تي حادثي واري هنڌ پهچي ويا. پي پي ايڇ آءِ جي ڊسٽرڪٽ سپورٽ مينيجر حاجي خان، ايڌي بلوچستان جي انچارج ڊاڪٽر عدالحڪيم لاسي ۽ لسٻيله ويلفيئر ٽرسٽ جي انچارج ايمبولينسن ۽ ريسڪيو ٽيمن جي قيادت ڪندي امدادي ڪاررواين ۾ حصو ورتو. لاشن ۽ زخمين کي فوري طور تي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال اوٿل منتقل ڪيو ويو جتي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ جي سربراهي ۾ ميڊيڪل ٽيم زخمين کي وقت سر طبي امداد فراهم ڪئي، شديد زخمين کي وڌيڪ علاج لاءِ ڪراچي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته انهن مان 7 لاشن کي ضروري ڪارروائي کانپوءِ ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي.











