اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارلحق آزاد ڪشمير عوامي ايڪشن کي هڪ ڀيرو ٻيهر رڪجي ويل ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ جي آڇ ڪندي چيو آهي ته هو لانگ مارچ ملتوي ڪري، ڪجهه ڌُريون ان صورتحال مان فائدو کڻي انارڪي ۽ تشدد طرف وٺي وڃڻ چاهين ٿا، ان صورتحال کان پاسو ڪرڻ جي سخت ضرورت …
وفاقي وزير طارق فضل چوڌري ۽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي پريس ڪانفرنس

مزید خبریں
اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارلحق آزاد ڪشمير عوامي ايڪشن کي هڪ ڀيرو ٻيهر رڪجي ويل ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ جي آڇ ڪندي چيو آهي ته هو لانگ مارچ ملتوي ڪري، ڪجهه ڌُريون ان صورتحال مان فائدو کڻي انارڪي ۽ تشدد طرف وٺي وڃڻ چاهين ٿا، ان صورتحال کان پاسو ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، پرتشدد واقعن ۾ 3 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سان گڏ ڪشمير هائوس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته 29 سيپٽمبر تي عوامي ايڪشن ڪميٽي سڏ ڏنو هو ته پُرامن احتجاج ٿيندو، هو آزاد ڪشمير جي عوام جي حقن بابت احتجاج ڪري رهيا آهن، جڏهن اها ڳالهه ميڊيا تي آئي ته وزيراعظم، ڪشمير معاملن واري وفاقي وزير امير مقام ۽ منهنجي ڊيوٽي لڳائي ته توهان ڳالهين ۾ ويهو ۽ انهن جا جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن، وزيراعظم لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو جنهن کان پوءِ مظفر آباد ۾ عوامي ايڪشن ڪميٽيءَ سان اسان جي 12 ڪلاڪن جي ڊگهي ويهڪ ٿي، اسان انهن جا 90 سيڪڙو مطالبا تسليم ڪيا هئا، اسان ٻئي وفاقي وزير گارنٽيئر هئاسين ته ان تي عمل ٿيندو. هن چيو ته گذريل احتجاج ۾ جن سرڪاري ملازمن کي معطل ڪيو ويو هو ان جي بحاليءَ جو حڪم نامو جاري ٿيو ۽ پوليس ڪيس ختم ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهيون ٿيون، ڪڻڪ جي حوالي سان وفاقي حڪومت کان مطالبو هو جيڪو منظور ڪيو ويو. بجلي ۽ لوڪل گورنمينٽ جي حوالي سان مطالبا به مڃيا ويا. هن چيو ته ان معاملي تي لکت ۾ معاهدو ٿيو، ايڪشن ڪميٽيءَ جي ميمبرن ان ۾ ڪيترن ئي نُڪتن جي درستگي پڻ ڪئي، 12 ڪلاڪن جي ويهڪ مڪمل ٿي، ٻن مطالبن تي اڳڀرائي نه ٿي، جن ۾ پناهگيرن جي سيٽن کي ختم ڪرڻ، وزيرن جي انگ ۾ گهٽتائي ڪرڻ، اهي مطالبا هئا جن ۾ آئين ۾ ترميم جي ضرورت هئي، اسان انهن کي اهوئي چيو ته انهن مطالبن کي بعد ۾ حل ڪيو ويندو. هن چيو ته انهن مطالبن تي ڊيڊ لاڪ ٿيو، 29 سيپٽمبر تي پُرامن احتجاج جو سڏ ڏنو ويو، ان احتجاج جي ضرورت نه هئي. 90 سيڪڙو مطالبا منظور ٿي ويا هئا. اسان اڄ به عوامي ايڪشن ڪميٽيءَ کي ڳالهين جي دعوت ڏيون ٿا، پُرتشدد احتجاج مان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو. هن چيو ته ان وقت وزيراعظم شهباز شريف لنڊن ۾ هو، وزيراعظم چيو ته مان پاڪستان اچي عوامي ايڪشن ڪميٽيءَ جي اڳواڻن سان ملندس، اسان اهڙيون حالتون نٿا چاهيون ته ڀارت ۾ اهڙا منظر ڏٺا وڃن ته آزاد ڪشمير جي جون اهي حالتون آهن. ان موقعي تي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته مهذب دنيا ۾ مطالبن جي منظوريءَ جو بهترين ذريعو ڳالهيون آهن.











