اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندي، جڏهن ته مٿانهين، وچولي خيبر پختونخوا، ڪشمير، گلگت بلتستان، اسلام آباد، پوٺوهار خطي، هيٺانهين، وچولي سنڌ ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ تيز هوائن، آنڌي ۽ گجگوڙ سان ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان آهي. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد تربت 43، لسٻيلو ۽ نورپور ٿل 40 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي مطابق اربع جي رات ۽ خميس جي …
ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جي اڳڪٿي

مزید خبریں
اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندي، جڏهن ته مٿانهين، وچولي خيبر پختونخوا، ڪشمير، گلگت بلتستان، اسلام آباد، پوٺوهار خطي، هيٺانهين، وچولي سنڌ ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ تيز هوائن، آنڌي ۽ گجگوڙ سان ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان آهي. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد تربت 43، لسٻيلو ۽ نورپور ٿل 40 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي مطابق اربع جي رات ۽ خميس جي ڏينهن هيٺانهين سنڌ ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن، جهڪ هلڻ ۽ گجگوڙ سبب روزانو جو معمول متاثر ٿيڻ، ڪمزور انفراسٽرڪچر (ڪچن گهرن/ ڀتين، بجلي جي ٿنڀن، بل بورڊز، گاڏين، سولر پينل وغيره) کي نقصان جو انديشو ظاهر ڪيو آهي.











