اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) پيٽروليم بابت وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته پشاور بلاڪ جي بحالي پاڪستان جي تيل ۽ گيس جي پيداوار وڌائڻ لاءِ هڪ هاڪاري ۽ اهم اڳڀرائي آهي، اهي قدم ٻارڻ جي ضرورتن ۾ پاڻڀرو ۽ جٽادار جي هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ نهايت اهم آهن، حڪومت ان منصوبي کي پورو ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن …
وفاقي وزير علي پرويز ملڪ جي هاءِ ڪاربيڪس آمريڪن انرجي جي سي اي او ۽ ماري انرجيز جي سي اي او سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) پيٽروليم بابت وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته پشاور بلاڪ جي بحالي پاڪستان جي تيل ۽ گيس جي پيداوار وڌائڻ لاءِ هڪ هاڪاري ۽ اهم اڳڀرائي آهي، اهي قدم ٻارڻ جي ضرورتن ۾ پاڻڀرو ۽ جٽادار جي هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ نهايت اهم آهن، حڪومت ان منصوبي کي پورو ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هاءِ ڪاربيڪس آمريڪن انرجي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر پيئرس انٿينڪ ۽ ماري انرجيز جي سي اي او فهيم حيدر سان ملاقات دوران ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير ان تاريخي معاهدي بابت آگاهه ڪيو ڪيو جنهن تحت ماري انرجيز هاءِ ڪاربيڪس آمريڪن انرجي ڪارپوريشن ۽ فاطمه پيٽروليم سان گڏجي پشاور بلاڪ جي بحاليءَ لاءِ ڀائيواري ڪئي آهي. پشاور بلاڪ ڪيترن ئي سالن کان غير فعال هو، نئين ڀائيواريءَ تحت هاءِ ڪاربيڪس آمريڪن انرجي ۽ ماري انرجيز ۽ فاطمه پيٽروليم هڪ گڏيل منصوبو جوڙيندا جنهن ذريعي بلاڪ ۾ ٻيهر ايڪسپلوريشن ۽ ڊولپمينٽ سرگرمين جي شروعات ٿيندي. وفاقي وزير ڪمپنين جي سيڙپڪاري ۽ ڀائيواريءَ کي ساراهيندي چيو ته اهي قدم توانائي جي شعبي ۾ پاڪستان لاءِ نيون راهون کوليندا، بلاڪ جي بحالي لاءِ ڪمپنين جو عزم تعريف جوڳو آهي. هن توانائي جي شعبي لاءِ حڪومت جي وسيع سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ تي ڌيان ڏنو. وفاقي وزير چيو ته ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف پيٽروليم ڪنسيشنز جي نئين سر تنظيم سازي جاري آهي جيڪا صنعت جي ماهرن جي رهنمائيءَ ۾ وڌيڪ شفاف، اثرائتي ۽ سيڙپڪار دوست ماحول فراهم ڪندي. هاءِ ڪاربيڪس آمريڪن انرجي جي سي اي او چيو ته پاڪستان ۾ توانائي جا بي پناهه موقعا موجود آهن ۽ سندس ڪمپني ان مارڪيٽ لاءِ پُرعزم آهي. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته پشاور بلاڪ کان علاوه هاءِ ڪاربيڪس آمريڪن انرجي ملڪ جي ٽن ٻين بلاڪس تي ڪم ڪري رهي آهي، اها ڀائيواري پاڪستان جي توانائي جي شعبي لاءِ شاندار نتيجا ڏيندي.











