اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ بابت وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوغلو ملاقات ڪئي. جاري پريس رليز موجب ان موقعي تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ سماجي شعبي خاص ڪري غربت ۾ گهٽتائي ۽ سماجي تحفظ جي حوالي سان سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترڪ سفير ٻنهي ملڪن جي ويجهن دوستاڻن ناتن …
غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ بابت وفاقي وزير سان ترڪيه جي سفير جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ بابت وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوغلو ملاقات ڪئي. جاري پريس رليز موجب ان موقعي تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ سماجي شعبي خاص ڪري غربت ۾ گهٽتائي ۽ سماجي تحفظ جي حوالي سان سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترڪ سفير ٻنهي ملڪن جي ويجهن دوستاڻن ناتن کي ساراهيندي چيو ته دفاع ۽ واپار جي شعبن ۾ ڪامياب سهڪار ۽ ترجيحي واپاري معاهدو سندن ناتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ٿو. ٻنهي اڳواڻن طرفان ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسلامي اخوت ۽ گڏيل احترام تي ٻَڌل ناتا اصل ۾ سندن مضبوط رشتي جو بنياد آهن، جيڪي سماجي ڀلائي ۽ غربت جي خاتمي لاءِ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندا. ترڪ سفير وفاقي وزير کي ٻُڌايو ته هن وقت هڪ هزار کان به گهٽ پاڪستاني شاگرد ترڪيه ۾ وظيفن مان فائدو کڻي رهيا آهن. هن ان انگ ۾ واڌ ۽ نوجوانن لاءِ تعليم ۽ هنرمنديءَ جا وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي. ملاقات ۾ ڌُرين دوحه ۾ ٿيندڙ ”ورلڊ سمٽ آن سوشل ڊولپمينٽ 2026ع“ جي موقعي تي وفاقي وزير، ترڪيه جي خانداني ۽ سماجي خدمتن بابت وزير وچ ۾ ٻه طرفي ملاقات تي اتفاق ڪيو جنهن ۾ گڏيل قدمن ۽ عالمي سطح تي ڀائيواري جي عزم کي پيش ڪيو ويندو. ڌُرين فني تربيت ۽ گڏيل پروگرامن تي به ڳالهيون ڪيون، جنهن کي ترڪيه جي سهڪار ۽ رابطه ايجنسي (ٽي ڪي اي) ۽ پاڪستان جي سماجي اداري جهڙوڪ پاڪستان بيت المال (پي بي ايم)، پاڪستان پاورٽي ايليويشن فنڊ (پي پي ايف ايف)، ٽراسٽ فار والنٽري آرگنائيزيشن (ٽي وي او) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) سان گڏجي اڳتي وڌايو ويندو. وفاقي وزير وزيراعظم شهباز شريف جي رهنمائي ۾ پاڪستان طرفان غربت جي خاتمي ۽ عوامي ڀلائيءَ جي عزم کي پڻ ورجايو. هن نوجوانن لاءِ هنر ۽ ڪاروباري موقعن جي فراهمي جي اهميت تي زور ڀريو. ڳالهين دوران ٻنهي ملڪن ٻين اسلامي ملڪن سان tri lateral cooperation جي امڪانن تي پڻ غور ڪيو ته جيئن خطي ۾ وسيلن ۽ مهارت کي گڏائي وڌيڪ اثرائتا نتيجا حاصل ڪري سگهجن. ملاقات ۾ اهو طئي ٿيو ته جلدئي هڪ فالو اپ ميٽنگ منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ عملي منصوبا بندي، تربيتي ماڊيولز ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار جي نمايان شعبن کي حتمي شڪل ڏني ويندي.











