وفاقي وزير سردار محمد يوسف جي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين سان ملاقات

اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين علامه ڊاڪٽر محمد راغب حسين نعيمي سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خاص طور تي زڪواة ۽ نماز جي نظامن سميت گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزارت جي ترجمان موجب وفاقي وزير زڪواة جي نظام تي ڪائونسل طرفان …

اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين علامه ڊاڪٽر محمد راغب حسين نعيمي سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خاص طور تي زڪواة ۽ نماز جي نظامن سميت گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزارت جي ترجمان موجب وفاقي وزير زڪواة جي نظام تي ڪائونسل طرفان معاونت گُهري ۽ چيئرمين ڊاڪٽر راغب نعيمي ان سلسلي ۾ هر طرح جي علمي سهڪار جي خاطري ڪرائي. چيئرمين ڳالهين دوران چيو ته ان معاملي تي مذهبي معاملن ۽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي محققن تي ٻَڌل ورڪنگ گروپ جوڙيو وڃي. سردار محمد يوسف چيو ته چنڊ ڏسڻي ڪميٽي بابت به معاملا غور جوڳا آهن ۽ ان کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي ضرورت آهي. چيئرمين چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي حوالي سان قومي اسيمبلي مان قانونسازي کي انتهائي ضروري قرار ڏنو ۽ ان جي دائره ڪار کي ڊويزنل سطح تائين وڌائڻ بابت راءِ ڏني. وفاقي وزير اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي طريقيڪار کي ساراهيو، کيس اڳوڻن اجلاسن جي ايجنڊا تي بريفنگ ڏني وئي.

مزید خبریں