بلوچستان ۾ امن جي قيام لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون وِسارڻ جوڳيون ناهن، پوري قوم انهن بهادر جوانن کي سلام پيش ڪري ٿي: مير سرفراز بگٽي

ڪوئيٽه-01 آڪٽوبر (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز ڀارتي سرپرستيءَ ۾ سرگرم دهشتگردن خلاف ٻه ڪامياب آپريشن ڪيا، جن ۾ 13 دهشتگردن کي ماريو ويو آهي. پنهنجي جاري بيان ۾ هن چيو ته دهشتگردن جي ناپاڪ عزمن کي فورسز وقت سر ڪارروائي ذريعي ناڪام بڻايو. وڏي وزير چيو ته بلوچستان ۾ امن جي قيام لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون وِسارڻ جوڳيون …

ڪوئيٽه-01 آڪٽوبر (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز ڀارتي سرپرستيءَ ۾ سرگرم دهشتگردن خلاف ٻه ڪامياب آپريشن ڪيا، جن ۾ 13 دهشتگردن کي ماريو ويو آهي. پنهنجي جاري بيان ۾ هن چيو ته دهشتگردن جي ناپاڪ عزمن کي فورسز وقت سر ڪارروائي ذريعي ناڪام بڻايو. وڏي وزير چيو ته بلوچستان ۾ امن جي قيام لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون وِسارڻ جوڳيون ناهن ۽ پوري قوم انهن بهادر جوانن کي سلام پيش ڪري ٿي. مير سرفراز بگٽي چيو ته ڀارتي پُٺڀرائي ۾ سرگرم دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين آپريشن جاري رهندا. هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان حڪومت پنهنجي ادارن سان گڏ بيٺل آهي ۽ هر سطح تي سندن حمايت جاري رکندي.

مزید خبریں