راولپنڊي-01 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي بلوچستان ۾ ٽن ڌار ڌار آپريشنز دوران فتنه الهندستان جا 13 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب 30 سيپٽمبر ۽ پهرين آڪٽوبر 2025ع تي ٻه ڌار آپريشنز ڪيا ويا. ڪوئيٽا ۾ خوارج جي موجودگي جي اطلاع تي ڳجهي ڄاڻ جي بنيادن تي آپريشن ڪيو ويو. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز خوارج جي ٺڪاڻي کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بنايو، شديد فائرنگ …
سيڪيورٽي فورسز پاران بلوچستان ۾ آپريشنز ۾ فتنه الهندستان جا 13 دهشتگرد مارجي ويا، 4 گرفتار

مزید خبریں
راولپنڊي-01 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي بلوچستان ۾ ٽن ڌار ڌار آپريشنز دوران فتنه الهندستان جا 13 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب 30 سيپٽمبر ۽ پهرين آڪٽوبر 2025ع تي ٻه ڌار آپريشنز ڪيا ويا. ڪوئيٽا ۾ خوارج جي موجودگي جي اطلاع تي ڳجهي ڄاڻ جي بنيادن تي آپريشن ڪيو ويو. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز خوارج جي ٺڪاڻي کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بنايو، شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ فتنه الهندستان جا 10 دهشتگرد مارجي ويا. هڪ ٻيو آپريشن ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي ڪيچ ضلعي ۾ ڪيو ويو، جنهن دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻي کي تباهه ڪيو ويو ۽ فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ 3 دهشگرد ماريا ويا. مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، بارود ۽ ڌماڪيدار مادو به هٿ ڪيو ويو. اهي دهشتگرد علائقي ۾ ڪيترين ئي دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث رهيا هئا. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان ڀارتي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ قوم جي ان غير متزلزل عزم جو ورجاءُ ڪري ٿي ته دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي هر صورت انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي علائقي خضدار ۾ ڀارتي سرپرستي ۾ دهشتگرد تنظيم فتنه الهندستان جي موجودگيءَ جي اطلاع تي ڳجهي ڄاڻ جي بنيادن تي آپريشن ڪيو، آپريشن دوران فورسز عورتن جي پوشاڪ ۾ فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ 4 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ گوله بارود پڻ هٿ ڪيو ويو. گرفتار دهشتگرد علائقي ۾ ڪيترن ئي ڪارروائين ۾ ملوث رهيا هئا. علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي ته جيئن ڪنهن به لڪل دهشتگردن کي ختم ڪري سگهجي. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز سڄي ملڪ مان ڀارتي سرپرستيءَ ۾ ٿيل دهشتگردن جي ناسور کي پاڙؤن پٽڻ لاءِ پُرعزم آهي ۽ قوم جي ان عزم کي ورجائي ٿي ته دهشتگرديءَ جي سمورن ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.











