اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ توانائي، کاڻين ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ گهرو ڪيو پيو وڃي، آمريڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ لاءِ هلندڙ مهيني جي آخر ۾ واشنگٽن ۾ سيڙپڪاري ڪانفرنس منعقد ڪئي پئي وڃي. هن اها ڳالهه بلومبرگ نيوز کي انٽرويو ۾ چئي. ناڻي واري وزير ٻُڌايو ته …
پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ توانائي، کاڻين ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ گهرو ڪيو پيو وڃي: ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب

مزید خبریں
اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ توانائي، کاڻين ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ گهرو ڪيو پيو وڃي، آمريڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ لاءِ هلندڙ مهيني جي آخر ۾ واشنگٽن ۾ سيڙپڪاري ڪانفرنس منعقد ڪئي پئي وڃي. هن اها ڳالهه بلومبرگ نيوز کي انٽرويو ۾ چئي. ناڻي واري وزير ٻُڌايو ته اسان کي تمام واضح انداز ۾ معلوم آهي ته ڪهڙن شعبن ۾ اسان کي آمريڪي سيڙپڪاري گهربل آهي ۽ ڪهڙن شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جي حقيقي گنجائش موجود آهي ۽ آمريڪا سان گڏجي اسان ان عمل جي باقائده شروعات ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته اها اڳڀرائي آمريڪا سان ٿيل نئين واپاري معاهدي کانپوءِ سامهون آئي آهي، جنهن تحت پاڪستان تي صرف 19 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو ويو آهي، جيڪو خطي جي ٻين ملڪن کان گهٽ ۽ ڀارت تي لاڳو آمريڪي ٽيرف جي ڀيٽ ۾ ڪيترائي ڀيرا گهٽ آهي. ٽيرف جي ان شرح پاڪستان جي راونگي واپاري چٽاڀيٽي ۾ واڌ ڪئي آهي ۽ ملڪ کي بحران مان نڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته پهريون ڪم واپاري توازن کي بهتر ڪرڻ آهي، جيڪو هاڻ ٿي چڪو آهي، منهنجي نظر ۾ پاڪستان جي هر صنعت وٽ روانگي واپاري جُز هئڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اهوئي واحد رستو آهي جنهن ذريعي اسان بوم اينڊ بسٽ (عروج ۽ زوال) جي چڪر مان نڪري سگهن ٿا. هن چيو ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي جائزي ۾ پاڪستان جي اڳڀرائي هدفن موجب آهي، پاڪستان گذريل ڏينهن تي واجب الادا 500 ملين ڊالر يورو بانڊ جي ادائگي پڻ ڪري ڇڏي آهي.











