سوات-01 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته سياسي وابستگيءَ کان مٿانهون ٿي ٻوڏ متاثرن لاءِ وفاقي حڪومت طرفان معاوضي ۽ امداد جو سلسلو جاري آهي، ڪي پي ڪي جي آخري ٻوڏ متاثر شخص جي بحاليءَ تائين حڪومتي ڪوششون جاري رهنديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن سوات جي ٻوڏ متاثرن ۾ امدادي چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب دوران …
ٻوڏ متاثرن لاءِ وفاقي حڪومت طرفان معاوضي ۽ امداد جو سلسلو جاري آهي: انجنيئر امير مقام

مزید خبریں
سوات-01 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته سياسي وابستگيءَ کان مٿانهون ٿي ٻوڏ متاثرن لاءِ وفاقي حڪومت طرفان معاوضي ۽ امداد جو سلسلو جاري آهي، ڪي پي ڪي جي آخري ٻوڏ متاثر شخص جي بحاليءَ تائين حڪومتي ڪوششون جاري رهنديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن سوات جي ٻوڏ متاثرن ۾ امدادي چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب دوران ڪيو. انجنيئر امير مقام چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف، آرمي چيف فيلڊ مارشل جنرل سيد عاصم منير ۽ هن پاڻ 17 آگسٽ تي بونير، سوات، باجوڙ، شانگله ۽ صوابي ۾ ٻوڏ اچڻ کان فوري بعد متاثر علائقن جو دؤرو ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم پنهنجي دؤري ۾ بونير جي ٻوڏ متاثرن ۾ امدادي چيڪ ورهايا ۽ ڪي پي ڪي جي ٻوڏ سبب فوت ٿيلن جي وارثن لاءِ 20-20 لک رپين جي امداد جو اعلان ڪيو. سندس چوڻ هو ته سياسي وابستگي کان مٿانهون ٿي ٻوڏ متاثرن لاءِ وفاقي حڪومت طرفان معاوضي ۽ امداد جو سلسلو جاري آهي. هن وزيراعظم جو شڪريو ادا ڪيو، جنهن نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي وفاق، ڪي پي ڪي ضلعي حڪومتن جي دائره ڪار ۾ ايندڙ سمورن روڊن جي بحاليءَ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ڪي پي ڪي جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بجليءَ جي سپلاءِ بحال ڪئي وئي آهي جڏهن ته وفاقي حڪومت طرفان سوات ۽ ڪي پي ڪي جي ٻين ٻوڏ سٽيل ضلعن ۾ روڊن سميت تباهه ٿيل بنيادي ڍانچي تي ڪم تيزيءَ سان جاري آهي. هن چيو ته پاڪستان هن ئي سال مئي ۾ آپريشن بنيان المرصوص ۾ سمورن محازن تي ڀارت کي شڪست ڏئي عظيم ڪاميابي حاصل ڪئي، پاڪستان جي فوجي طاقت کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ دفاعي معاهدي پڻ پاڪستان جي فوجي طاقت جي تصديق ڪئي آهي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان اهم ملاقات جي موقعي تي وزيراعظم جو آمريڪا ۾ استقبال ڪيو ويو، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس دوران پڻ عالمي اڳواڻن پاڪستاني وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو، جتي وزيراعظم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي مؤقف کي انتهائي اثرائتي انداز ۾ پيش ڪيو.











