عظيم چيني قوم کي 76هين يومِ تاسيس تي دلي مبارڪون، جديد چين جون مثالي ڪاميابيون دنيا لاءِ مشعل راهه آهن: سردار اياز صادق

اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ عوام طرفان چين جي صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي چيانگ، اسٽينڊنگ ڪميٽي آف نيشنل پيپلز ڪانگريس جي چيئرمين زائوليجي ۽ عظيم چيني قوم کي عوامي جمهوريه چين جي 76هين يومِ تاسيس جي موقعي تي دلي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته جديد چين جون مثالي ڪاميابيون دنيا لاءِ مشعل راهه آهن. پنهنجي …

اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ عوام طرفان چين جي صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي چيانگ، اسٽينڊنگ ڪميٽي آف نيشنل پيپلز ڪانگريس جي چيئرمين زائوليجي ۽ عظيم چيني قوم کي عوامي جمهوريه چين جي 76هين يومِ تاسيس جي موقعي تي دلي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته جديد چين جون مثالي ڪاميابيون دنيا لاءِ مشعل راهه آهن. پنهنجي پيغام ۾ اسپيڪر، چين جي عظيم اڳواڻ مائوزي تنگ جي بصيرت قيادت ۽ سندس شاندار خدمتن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته مائوزي تنگ چين کي هڪ وڏي عالمي طاقت بڻائڻ جو بنياد رکيو ۽ ٽين دنيا جي ملڪن لاءِ هڪ انقلابي ماڊل طور تي پيش ڪيو. هن چيو ته جديد چين جي مثالي ڪاميابي دنيا لاءِ مشعل راهه آهي. اسپيڪر چيو ته پاڪ- چين دوستي خطي ۾ امن، خوشحالي ۽ استحڪام اسان جي گڏيل ويزن جو عملي ثبوت آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ چين جي بي مثال دوستي گڏيل اعتماد ۽ گڏيل مفادن جي مضبوط بنيادن تي ٻَڌل آهي ۽ هر آزمائش ۾ پورا لهن ٿا. هن ڀارت جي تازي اڳڀرائي خلاف پاڪستان سان يڪجهتيءَ جي اظهار، عالمي ۽ علائقائي فورمز تي چين جي پُختي مؤقف کي ساراهيو. هن چيو ته چين هميشه ناانصافي، اڳرائي ۽ هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪئي ۽ ان خلاف آواز بلند ڪيو. هن سي پيڪ 2.0 جي آجيان ڪئي جنهن تحت پنج نوان راهداري منصوبا شروع ڪيا ويا آهن، جيڪي زراعت، آءِ ٽي، مصنوعي ذهانت، معدنيات جي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۽ صنعتن جي منتقلي تي ٻڌل آهن. اسپيڪر چيو ته اهي منصوبا نه صرف پاڪستان جي صنعتي ۽ معاشي ترقيءَ ۾ مددگار ثابت ٿيندا پر عوامي رابطن کي هٿي وٺرائڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندا. اسپيڪر بيجنگ ۾ ٿيل ٻي پاڪ- چين بزنس ٽو بزنس انويسٽمينٽ ڪانفرنس دوران زراعت، ٽيڪنالاجي ۽ انفراسٽرڪچر سميت ٻين شعبن ۾ 8.5 بلين آمريڪي ڊالرن جي ماليت جي گڏيل منصوبن ۽ معاهدن تي صحيحن کي پڻ ساراهيو ۽ ان کي معاشي ترقيءَ جي ڊگهي سفر سان تعبير ڪيو. هن 2029-2024ع جي گڏيل ايڪشن پلان جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته هي روڊ ميپ مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ هڪ جامع لائحه عمل فراهم ڪري ٿو. هن دفاع ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ جاري سهڪار کي پڻ ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هي تعاون خطي ۾ امن، استحڪام ۽ دفاعي صلاحيت کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو سبب بڻبو. اسپيڪر ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي وڌندڙ قدمن کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو. هن لاهور ۾ رٿيل چوٿين هيلٿ انجنيئرنگ ۽ منرلز شو جنهن ۾ 200 چيني ڪمپنين شرڪت ڪئي، ۾ طئي ٿيل معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن صدرِ پاڪستان جي تازي دؤري دوران مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٿيل مفاهمتي يادداشتن جي آجيان ڪندي خطي جي خوشحاليءَ لاءِ سٺو سنوڻ قرار ڏنو.

مزید خبریں