صحت جي شعبي ۾ بهتري لاءِ سڌارا جاري آهن: سيد مصطفيٰ ڪمال

اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي صحت بابت وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته صحت جي شعبي ۾ بهتريءَ لاءِ سڌارا جاري آهن، ڏورانهن علائقن ۾ ٽيلي ميڊيسن ذريعي طبي سهولتن جي فراهميءَ لاءِ پُرعزم آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر بلورما امگابازر سان ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته مريضن جو طبي ڊيٽا محفوظ رکڻ لاءِ يونيورسل ميڊيڪل رڪارڊ کي يقيني …

اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي صحت بابت وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته صحت جي شعبي ۾ بهتريءَ لاءِ سڌارا جاري آهن، ڏورانهن علائقن ۾ ٽيلي ميڊيسن ذريعي طبي سهولتن جي فراهميءَ لاءِ پُرعزم آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر بلورما امگابازر سان ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته مريضن جو طبي ڊيٽا محفوظ رکڻ لاءِ يونيورسل ميڊيڪل رڪارڊ کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. پاڪستان ۾ 68 سيڪڙو بيماريون گدلي پاڻيءَ سبب پيدا ٿين ٿيون. ملاقات ۾ پاڪستان جي صحت جي شعبي کي درپيش چئلينجز ۽ ان جي جٽادار حل تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته صحت جي شعبي ۾ ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، صاف پاڻيءَ جي فراهمي سان 68 سيڪڙو بيمارين کان بچي سگهجي ٿو، جن جو حل صاف پاڻيءَ جي فراهمي، عوامي آگاهي ۽ گڏيل ڪوششن ۾ لِڪل آهي. هن چيو ته صحت واري وزارت جو اصل ڪم ماڻهن کي بيمار ٿيڻ کان بچائڻ آهي پر کين علاج به مهيا ڪرڻو آهي. هن چيو ته صحيح معنائن ۾ هيلٿ ڪيئر سسٽم اهو هوندو آهي جيڪو ماڻهن کي بيمار ٿيڻ کان بچائي، صحت واري وزارت ماڻهن کي بيمار ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ خاص قدمن کي يقيني بڻائي رهي آهي. ڊائريڪٽر ورلڊ بئنڪ چيو ته قومي صحت واري وزارت گذريل 6 مهينن جي ڪارڪردگي تعريف جوڳي آهي. هن چيو ته صحت واري وزارت جي 6 مهينن جي شاندار ڪارڪردگي تي صحت واري وزارت طرفان منصوبن جي ڀرپور تائيد ۽ توثيق ڪري ٿو. ملاقات ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري هيلٿ ۽ ڊي جي هيلٿ پڻ شرڪت ڪئي.

مزید خبریں