وقتي صدر سان مملڪتي وزير ۽ وزيراعظم جي ڊيجيٽل ميڊيا بابت خاص معاون فهد هارون جي ملاقات

اسلام آباد _ 01 - آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر ۽ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان مملڪتي وزير ۽ وزيراعظم جي ڊيجيٽل ميڊيا بابت خاص معاون فهد هارون ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. پڌرائي موجب ملاقات دوران فهد هارون وقتي صدر کي ڊيجيٽل ميڊيا جي شعبي ۾ تازي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو جنهن ۾ حڪومت جي عوامي پهچ، موثر ميڊيا ۽ ڊيجيٽل پليٽ فارمز جي بهتر استعمال …

اسلام آباد _ 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر ۽ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان مملڪتي وزير ۽ وزيراعظم جي ڊيجيٽل ميڊيا بابت خاص معاون فهد هارون ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. پڌرائي موجب ملاقات دوران فهد هارون وقتي صدر کي ڊيجيٽل ميڊيا جي شعبي ۾ تازي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو جنهن ۾ حڪومت جي عوامي پهچ، موثر ميڊيا ۽ ڊيجيٽل پليٽ فارمز جي بهتر استعمال بابت قدم شامل هئا. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني انهن قدمن کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته ڊيجيٽل ميڊيا جي موثر حڪمت عملي عوامي رابطي کي بهتر بڻائڻ ۽ مثبت قومي بيانيو فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. ملاقات دوران فهد هارون ڊيجيٽل ميڊيا جي بدلجندڙ منظرنامي ۽ ان ۾ وڌندڙ اهميت تي روشني وڌي ۽ ٻڌايو ته انهن پليٽ فارمز کي موثر، ذميوار ۽ تعميري انداز ۾ استعمال ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.

مزید خبریں