اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 3 هزار 500 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 10 هزار 278 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اربع ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 3 هزار 500 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 10 هزار 2 سئو 78 رپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت …
سڄي ملڪ ۾ سون جي في تولو قيمت ۾ 3500 رپين جي واڌ رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد-01 آڪٽوبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 3 هزار 500 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 10 هزار 278 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اربع ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 3 هزار 500 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 10 هزار 2 سئو 78 رپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 3001 رپين جي واڌ کانپوءِ 3 لک 48 هزار 746 رپين مان وڌي 3 لک 51 هزار 747 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته 22 قيراط 10 گرام سون جي قيمت 3 لک 19 هزار 695 رپين مان وڌي 3 لک 22 هزار 446 رپيا ٿي ويو. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن ٻُڌايو ته في تولو چانديءَ جي قيمت 50 رپين جي واڌ کانپوءِ 4826 رپيا ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 43 رپين جي واڌ کانپوءِ 4137 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 3855 ڊالر مان وڌي 3890 ڊالر ٿي ويو آهي.











