صنعا -01 آڪٽوبر (اي پي پي)يمن جي حوثين اعلان ڪيو آهي، ته هو آمريڪي آئل ڪمپنين ايگزون موبل ۽ شيوران تي جوابي پابنديون لڳائيندا. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه حوثين جي هڪ فورم چئي آهي. يمن ۾ انساني بنيادن تي ڪم ڪندڙ مرڪز ايڇ او سي سي کي گذريل سال قائم ڪيو ويو ته جيئن حوثي فورسز ۽ ڪمرشل شپنگ آپريٽرن وچ ۾ رابطو ٿي سگهي. هن وقت 13 آمريڪي …
آمريڪي تيل ڪمپنين ۽ جهازن تي جوابي پابنديون لڳائينداسين: يمن جي حوثين جو اعلان

مزید خبریں
صنعا -01 آڪٽوبر (اي پي پي)يمن جي حوثين اعلان ڪيو آهي، ته هو آمريڪي آئل ڪمپنين ايگزون موبل ۽ شيوران تي جوابي پابنديون لڳائيندا. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه حوثين جي هڪ فورم چئي آهي. يمن ۾ انساني بنيادن تي ڪم ڪندڙ مرڪز ايڇ او سي سي کي گذريل سال قائم ڪيو ويو ته جيئن حوثي فورسز ۽ ڪمرشل شپنگ آپريٽرن وچ ۾ رابطو ٿي سگهي. هن وقت 13 آمريڪي ڪمپنين ۽ 9 آمريڪي اختيارين تي پابندين کان علاوه 2 جهازن تي به پابنديون لڳايون ويون آهن. حوثين جي ان فورم دعويٰ ڪئي آهي ته اهي پابنديون آمريڪي پابندين جي جواب ۾ آهن جيڪي انهن حوثين خلاف هلندڙ سال لاڳو ڪيون ويون آهن ۽ ان باوجود لاڳو ڪيل آهن ته ٽرمپ انتظاميه سان گڏ ٿيندڙ جنگ بندي معاهدي سان يمن جي حوثي گروپ به اتفاق ڪيو هو ۽ آمريڪا سان جڙيل جهازن کي ڳاڙهي سمنڊ ۽ نار عدن ۾ نشانو بڻائڻ ڇڏي ڏنو آهي.











