پاڪستان کي چين سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن تي فخر آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد _ 01 - آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي عوام جي ترقي، خوشحالي ۽ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان کي چين سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن تي فخر آهي، ٻئي ملڪ دوستي ۽ حصيداري ۾ نئين سنگ ميل عبور ڪندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران عوامي جمهوريه …

اسلام آباد _ 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي عوام جي ترقي، خوشحالي ۽ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان کي چين سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن تي فخر آهي، ٻئي ملڪ دوستي ۽ حصيداري ۾ نئين سنگ ميل عبور ڪندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران عوامي جمهوريه چين جي 76هين قومي ڏينهن جي موقعي تي چين جي قيادت ۽ ڀائر عوام کي مبارڪباد ڏيندي ان مبارڪ ڏينهن تي چين جي عوام جي ترقي، خوشحالي ۽ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته هي ڏينهن نه رڳو چين جي شاندار قومي سفر جي ياد ڏياري ٿو پر هڪ عظيم قوم جي ترقي، استحڪام ۽ عالمي سطح تي امن قائم ڪرڻ ۾ چين جي ڪردار جو پڻ اعتراف آهي، صدر شي جن پنگ جي دورانديش ۽ مثالي قيادت ۾ چين ترقي ۽ خوشحالي جا اهڙا سنگ ميل عبور ڪيا جيڪي دنيا جي لاءِ روشن مثال آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي هڪ لازوال ۽ ناقابل شڪست رشتو آهي جيڪو وقت گذرڻ سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته هي رشتو گڏيل اعتماد، قرباني ۽ اخلاق تي ٻڌل ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ امن، ترقي ۽ خوشحالي جي ضمانت آهي. هن پنهنجي چين جي تازي دوري کي انتهائي ڪارائتو ۽ لاڀائتو قرار ڏيندي چيو ته چين جي دوري دوران شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۽ بي ٽو بي ڪانفرنس ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري جي معاهدن جهڙا تاريخي سنگ ميل عبور ٿيا آهن. هن چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه اسان جو چين سان انتهائي اهم گڏيل معاشي منصوبو آهي جيڪو ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي. هن چين سان پاڪستان جي ڀائراڻي لاڳاپن تي فخر جو اظهار ڪندي چيو ته هو پُراميد آهي ته ٻئي ملڪ دوستي ۽ حصيداري جا نوان سنگ ميل عبور ڪندا.

مزید خبریں