اسلام آباد _ 01 - آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان شام سان پنهنجي تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو جن جون پاڙون گڏيل مذهبي قدرن، تاريخ ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن، ٻئي ملڪ سدائين آزمائش جي گهڙيءَ ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ شام جي سفير …
پاڪستان شام سان پنهنجي تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو: وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني

مزید خبریں
اسلام آباد _ 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان شام سان پنهنجي تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو جن جون پاڙون گڏيل مذهبي قدرن، تاريخ ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن، ٻئي ملڪ سدائين آزمائش جي گهڙيءَ ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ شام جي سفير ڊاڪٽر رامز الريعي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي پراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان ۽ شام سدائين آزمائش جي گهڙيءَ ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان شام سان پنهنجي اصولي ۽ ثابت قدم دوستي کي نظر ۾ رکندي شام ۾ گهرو ويڙهه دوران پڻ دمشق ۾ پنهنجو سفارتي مشن برقرار رکيو، پاڪستان شام جي نئين سر تعمير ۾ تعاون جي لاءِ تيار آهي. وقتي صدر چيو ته دمشق ۽ ملتان جي قديم تهذيبن ۾ هڪ جهڙائي آهي. هن ٻنهي شهرن جي وچ ۾ گهري تاريخي تعلق کي اجاگر ڪندي چيو ته ٻئي تهذيبي گهرائي ۽ ريزيليئنس جي علامت آهن. هن چيو ته پاڪستان عالمي فورمز تي مسلسل شام جي حمايت ڪئي آهي جنهن ۾ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ۾ شامل جي ميمبرشپ جي بحالي ۾ فعال ڪردار پڻ شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان وٽ وڏي انگ ۾ هنرمند ماڻهو آهن جيڪي شام جي نئين سر تعمير خاص طور تي طب، تعليم، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ بئنڪنگ جي شعبن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان جا تربيتي پروگرام شامي سفارتڪارن، استادن ۽ طبي ماهرن جي لاءِ دستياب آهن. وقتي صدر سفير سان ملاقات دوران شام جي پارليامينٽ جي اسپيڪر جي لاءِ ايندڙ مهيني منعقد ٿيندڙ بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت جو دعوتنامو پڻ ڏنو. سفير ڊاڪٽر رامز الريعي پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت تي ٿورا مڃيندي چيو ته شام پاڪستان سان پنهنجي تاريخي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. سفير چيو ته شام دفاع، ريلوي، معيشت، آءِ ٽي ۽ تعليم سميت مختلف شعبن ۾ پاڪستان تعاون جو خواهشمند آهي. هن عوام جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو.











