اسلام آباد _ 01 - آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان ايٿوپيا جي سفير ڊاڪٽر جمال بڪر عبدالله ايوان صدر ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر پاڪستان ۽ ايٿوپيا لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ ۾ سفير جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته ايٿوپيا جي سفير ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي ۽ …
وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان ايٿوپيا جي سفير جي الوداعي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد _ 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان ايٿوپيا جي سفير ڊاڪٽر جمال بڪر عبدالله ايوان صدر ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر پاڪستان ۽ ايٿوپيا لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ ۾ سفير جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته ايٿوپيا جي سفير ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن گرين پاڪستان انيشي ايٽو ۾ ڊاڪٽر جمال بڪر عبدالله جي تعاون ۽ موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ ۾ ان جي فعال ڪردار کي پڻ ساراهيو. وقتي صدر سفير جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي ان يقين جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ ايٿوپيا جا لاڳاپا ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن ايٿوپيا جي پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جي اسپيڪرز کي ايندڙ مهيني اسلام آباد ۾ ٿيندڙ بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ دعوتنامو پڻ سفير جي حوالي ڪيو. سفير ڊاڪٽر جمال بڪر عبدالله وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ايٿوپيا سميت پورو آفريقي خطو پاڪستان جي آفريقي ملڪن سان لاڳاپن جي فروغ ۾ سندس خدمتن جو اعتراف ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان آفريقا کنڊ جي لاءِ هڪ اهم ملڪ آهي ۽ ايٿوپيا پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. سفير چيو ته آفريقي خطو پاڪستان کي هڪ مخلص ۽ ڀائر ملڪ سمجهي ٿو، پاڪستان سان لاڳاپن کي ترجيح ڏيڻ ۾ سيد يوسف رضا گيلاني جي ڪوششن کي ايٿوپيا سدائين ياد رکندو. هن پارلياماني سفارتڪاري جي ذريعي عوام سان عوام جي رابطن کي فروغ ڏيڻ ۾ وقتي صدر جي فعال ڪردار کي پڻ ساراهيو. ڊاڪٽر جمال بڪر عبدالله سينيٽ آف پاڪستان ۾ آفريقا ڊي جي تقريب ۽ ان موقعي تي منظور ٿيندڙ قرارداد کي ياد ڪندي ان کي هڪ سنگ ميل قرار ڏنو جنهن کي سمورا آفريقي ملڪ سدائين ياد رکندا. هن چيو ته پاڪستان عالمي سطح تي وڌندڙ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن يقين ڏياريو ته ايٿوپيا ان سفر ۾ پاڪستان جو ساٿي رهندو. سفير چيو ته پاڪستان سدائين ان جي دل جي ويجهو رهندو ۽ هو اسلام آباد ۾ رهڻ دوران دوستي ۽ مهمان نوازي کي ياد رکندو. هن چيو ته هو ذاتي طور تي ايٿوپيا جي پارلياماني قيادت کي ڪانفرنس جو دعوتنامو پهچائيندو.











