پاڪستان جي ترقي جي لاءِ جمهوري ادارن جو استحڪام ۽ جامع ترقي لازمي آهي: وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد _ 01 - آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني قومي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ سياسي ۽ اقتصادي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اتحاد، مفاهمت ۽ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي جي لاءِ جمهوري ادارن جو استحڪام ۽ جامع ترقي لازمي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار …

اسلام آباد _ 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني قومي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ سياسي ۽ اقتصادي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اتحاد، مفاهمت ۽ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي جي لاءِ جمهوري ادارن جو استحڪام ۽ جامع ترقي لازمي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽر گرديپ سنگهه، سينيٽر اسد قاسم، سينيٽر سردار محمد عمر گورگيج، سينيٽر فلڪ ناز چترالي ۽ اڳوڻي ايم اين اي مائزه حميد سان ڳالهائيندي ڪيو جن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وقتي صدر چيو ته جمهوري ادارن کي مضبوط بڻائڻ ۽ جامع ترقي کي فروغ ڏيڻ پاڪستان جي ترقي جي لاءِ اهم آهي. سيد يوسف رضا گيلاني ملڪ جي مختلف حصن ۾ جاري ٻوڏ صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي متاثر ماڻهن کي وقت سر امداد جي فراهمي ۽ بحالي جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي گڏيل قدمن تي زور ڏنو.

مزید خبریں