سپريم ڪورٽ بار جي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي عارضي فهرست جاري

لاهور -01 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم  ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ اميدوارن جي نالن جي عارضي فهرست جاري ڪئي وئي آهي. 16 آڪٽوبر تي منعقد ٿيندڙ بار جي چونڊن ۾ 13 سيٽن تي سڄي مڪ مان 34 اميدوار مقابلو ڪندا. صدر جي عهدي تي هارون الرشيد ۽ توفيق آصف وچ ۾ ون ٽو ون مقابلو ٿيندو، جڏهن ته سيڪريٽري جي سيٽ تي ميان عرفان اڪرم …

لاهور -01 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم  ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ اميدوارن جي نالن جي عارضي فهرست جاري ڪئي وئي آهي. 16 آڪٽوبر تي منعقد ٿيندڙ بار جي چونڊن ۾ 13 سيٽن تي سڄي مڪ مان 34 اميدوار مقابلو ڪندا. صدر جي عهدي تي هارون الرشيد ۽ توفيق آصف وچ ۾ ون ٽو ون مقابلو ٿيندو، جڏهن ته سيڪريٽري جي سيٽ تي ميان عرفان اڪرم ۽ ملڪ زاهد اسلام آمهون سامهون هوندا. ايڊيشنل سيڪريٽري لاءِ قاضي غلام دستگير ۽ سردار طارق حسين وچ ۾ سخت مقابلي جي اميد آهي. سڄي ملڪ مان 4 هزار 379  وڪيل  پنهنجو ووت ڪاسٽ ڪندا، جن مان لاهور ۾ هڪ هزار 460 وڪيل پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا. اميدوارن جي حتمي فهرست 4 آڪٽوبر تي جاري ڪئي ويندي جڏهن ته اميدوارن پنهنجي چونڊ مهم شروع ڪري ڇڏي آهي.

مزید خبریں