اسلام آباد -01 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي عوامي جمهوريه چين جي 76هين قومي ڏينهن تي چين جي قيادت، ڪميونسٽ پارٽي ۽ عوام کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته چين ٿوري وقت ۾ معاشي استحڪام ۽ پائيدار ترقي جي خواب کي عملي تعبير ڏني آهي. ۽ سگهه، اصولن جي پاسداري ۽ اجتماعي ڀلائي جي جذبي سان دنيا ۾ بلند مقام حاصل ڪيو آهي. محسن …
چين جون معاشي، سماجي ۽ عسڪري ميدان ۾ غير معمولي ڪاميابيون پوري خطي جي استحڪام ۽ خوشحالي جو سبب آهن : محسن نقوي

مزید خبریں
اسلام آباد -01 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي عوامي جمهوريه چين جي 76هين قومي ڏينهن تي چين جي قيادت، ڪميونسٽ پارٽي ۽ عوام کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته چين ٿوري وقت ۾ معاشي استحڪام ۽ پائيدار ترقي جي خواب کي عملي تعبير ڏني آهي. ۽ سگهه، اصولن جي پاسداري ۽ اجتماعي ڀلائي جي جذبي سان دنيا ۾ بلند مقام حاصل ڪيو آهي. محسن نقوي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته چين جي معاشي، سماجي ۽ عسڪري ميدان ۾ غير معمولي ڪاميابين نه رڳو ان جي پنهنجي ترقي پر پوري خطي جي استحڪام ۽ خوشحالي جو سبب آهي. هن چين جي شاندار تاريخ، ثقافتي ورثي ۽ حيرت انگريز ترقي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪ چين لاڳاپا تاريخي، اسٽريٽجڪ، ۽ مضبوط شراڪتداري تي ٻڌل آهن. هن چيو ته سي پيڪ جهڙو عظيم منصوبو ان شراڪتداري جو روشن مثال آهي، جڏهن ته هماليه جون اونچون چوٽيون، سمنڊ جي گهرائي ۽ قراقرم جا ڏکيا رستا پاڪ چين لازوال دوستي جي شاهدي ڏين ٿا. گهرو وزير چيو ته چين هر بحران، علائقائي ڇڪتاڻ ، اندروني چئلينج دوران پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته چين سان لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو مستقل ۽ مرڪزي ٿنڀ آهن. هن چيو ته گوادر کان خنجراب تائين ۽ توانائي کان مواصلات تائين، چين پاڪستان جي معاشي بنيادن کي مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪ چين اسٽريٽجڪ شراڪتداري خطي ۾ توازن ۽ ترقي جو بنياد آهي. وفاقي وزير قومي ڏينهن تي چين جي قوم جي لگن، محنت ۽ جدت پسندي کي سلام پيش ڪندي انهن جي وڌيڪ ترقي، ڪامراني ۽ عروج لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو.











