نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان پي آءِ اي جي سي اي او عامر حيات جي ملاقات

اسلام آباد _ 30 سيپٽمبر ( اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ، عالمي رابطن کي سگهه ڏيڻ، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي سهولت جي فراهمي ۽ ملڪي واپار ۽ سياحت جي صلاحيت جي فروغ جي لاءِ پي آءِ اي جي بحالي ضروري آهن. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب هن اها ڳالهه …

اسلام آباد _ 30 سيپٽمبر ( اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ، عالمي رابطن کي سگهه ڏيڻ، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي سهولت جي فراهمي ۽ ملڪي واپار ۽ سياحت جي صلاحيت جي فروغ جي لاءِ پي آءِ اي جي بحالي ضروري آهن. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب هن اها ڳالهه پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز (پي آءِ اي) جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سي اي او) عامر حيات سان ملاقات دوران چئي جنهن ڪالهه اڱاري ڏينهن نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران قومي ايئرلائين جي مستقبل جي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ، عالمي رابطن کي سگهه ڏيڻ، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي سهولت جي فراهمي ۽ ملڪي واپار ۽ سياحت جي صلاحيت جي فروغ جي لاءِ پي آءِ اي جي بحالي ضروري آهي. هن ڪارڪردگي ۾ بهتري، سروس جي معيار ۽ مالياتي استحڪام کي وڌائڻ جي لاءِ جاري ڪوششن جو پڻ جائزو ورتو.

مزید خبریں