اسلام آباد _ 30 سيپٽمبر ( اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته وفاق اڃا به 18هين آئيني ترميم سان گڏ بيٺل آهي، الحمدالله 24 ڪروڙ پاڪستاني حرمين شريفين جا محافظ بڻجي چڪا آهن، اين ايف سي جي لاءِ نامزدگيون فائنل ٿي چڪيون آهن، گڏجي ويهي اتفاق راءِ سان فيصلا ٿيندا، وزيراعظم وطن واپس اچي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺندو. سينيٽ …
وفاق اڃا به 18هين آئيني ترميم سان گڏ بيٺل آهي، اين ايف سي جي لاءِ نامزدگيون فائنل ٿي چڪيون آهن، گڏجي ويهي اتفاق راءِ سان فيصلا ٿيندا: اعظم نذير تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد _ 30 سيپٽمبر ( اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته وفاق اڃا به 18هين آئيني ترميم سان گڏ بيٺل آهي، الحمدالله 24 ڪروڙ پاڪستاني حرمين شريفين جا محافظ بڻجي چڪا آهن، اين ايف سي جي لاءِ نامزدگيون فائنل ٿي چڪيون آهن، گڏجي ويهي اتفاق راءِ سان فيصلا ٿيندا، وزيراعظم وطن واپس اچي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺندو. سينيٽ ۾ سينيٽر ايمل ولي خان جي سوال تي ڳالهائيندي قانون واري وزير سينيٽر اعظم نذير چيو ته ايمل ولي خان جو تعلق انهي پارٽي آهي جيڪا ملڪي سياسي خاص طور تي آمريت جي خلاف بيٺل رهي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت اڄ به 18هين آئيني ترميم سان گڏ بيٺل آهي، مائنز اينڊ منرلز صوبائي معاملو آهي ان تي ايمل ولي جي ڳالهه سان متفق آهيان. هن چيو ته بلوچستان ۾ معدنيات جي حوالي سان عدالت ۾ ڪيس جي ڪري رياست کي ڏنڊ ادا ڪرڻو پيو آهي، بلوچستان ۾ ريڪوڊڪ معاهدو شفافيت سان مڪمل ٿيو آهي. هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ ٿي ويو پر حڪومتون بدلجنديون رهيون ۽ شيون دير جو شڪار ٿينديون رهيون پر هاڻي ان تي ڪم تيزي سان جاري آهي، آرٽيڪل 160 تحت صوبن مان ايندڙ نامزدگين کي حتمي شڪل ڏني وئي اهي، هاڻي صوبا ويهندا ۽ نمائندا گڏجي ويهي اتفاق راءِ سان فيصلو ڪندا، اسان جمهوريت تي يقين رکون ٿا، اسان جي قيادت کي به مشڪلاتون درپيش رهيون. هن چيو ته پاڪ – سعوديه معاهدي بابت ڳالهه ٿي، سعودي عرب جو مسلمان امت ۾ اهم ڪردار آهي، الحمدالله 24 ڪروڙ عوام جا نالا حرمين شريفين جي محافظن ۾ لکجي چڪا آهن. هن چيو ته ڪجهه قوتون پاڪستان کي اڪيلو ڪرڻ چاهينديون هيون اڄ اسان جي ڪاميابي انهن جي ناڪامي جو واضح ثبوت آهي. قانون واري وزير چيو ته هر مسلمان فلسطين جي ظلمن تي ڏکويل آهي، هاڻي معاملو حل طرف ويندي نظر اچي رهيو آهي، فلسطين جي رياست پاڻ ان اڳڀرائي جي آجيان ڪئي آهي، باقي کي ماتم ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. قانون واري وزير چيو ته عالمي سطح تي ٿيندڙ ڪاميابين تي ڳالهه ڪرڻ جي لاءِ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي تجويز جي آجيان ڪريون ٿا، علائقائي سياست هجي يا ڀارتي جارحيت جي خلاف پاڪستان جو جواب هجي پوري دنيا ان جي معترف آهي. سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف وطن واپس اچڻ کانپوءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي ڪاميابين بابت پارليامينٽ ۽ قوم کي اعتماد ۾ وٺندو.











