ريلوي واري وفاقي وزير پاران فتح – 4 ڪروز ميزائيل جي ڪامياب تجربي تي پوري قوم کي مبارڪباد

اسلام آباد _ 30 سيپٽمبر ( اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي فتح – 4 ڪروز ميزائيل جي ڪامياب تجربي تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته 750 ڪلوميٽر رينج جو جديد ڪروز ميزائيل پاڪستان جي دفاعي صلاحيت ۾ نمايان اضافو ڪندو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اها ڪاميابي سائنسدانن، انجنيئرز ۽ پاڪ فوج جي اڻٿڪ محنت ۽ عظيم قربانين جو نتيجو آهي. …

اسلام آباد _ 30 سيپٽمبر ( اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي فتح – 4 ڪروز ميزائيل جي ڪامياب تجربي تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته 750 ڪلوميٽر رينج جو جديد ڪروز ميزائيل پاڪستان جي دفاعي صلاحيت ۾ نمايان اضافو ڪندو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اها ڪاميابي سائنسدانن، انجنيئرز ۽ پاڪ فوج جي اڻٿڪ محنت ۽ عظيم قربانين جو نتيجو آهي. ريلوي واري وزير چيو ته پاڪستانجو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو آهي ۽ اسان جا محافظ هر وقت ملڪ جي دفاع لاءِ تيار آهن. محمد حنيف عباسي چيو ته قوم پنهنجي سائنسدانن، انجنيئرز ۽ بهادر فوج تي فخر ڪري ٿي.

مزید خبریں