وفاقي گهرو وزير پاران مقامي وسيلن سان تيار ڪيل فتح – 4 ڪروز ميزائيل جي ڪامياب تجربي تي مبارڪُون

اسلام آباد _ 30 سيپٽمبر ( اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي مقامي وسيلن سان تيار ڪيل فتح – 4 ڪروز ميزائيل جي ڪامياب تجربي تي سائنسدانن، انجنيئرز ۽ عسڪري قيادت کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير محسن نقوي چيو ته فتح – 4 ڪروز ميزائيل جو ڪامياب تجربو پاڪستان جي سائنسدانن، انجنيئرز ۽ عسڪري قيادت جو شاندار ڪارنامو آهي، قوم کي به فتح – …

اسلام آباد _ 30 سيپٽمبر ( اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي مقامي وسيلن سان تيار ڪيل فتح – 4 ڪروز ميزائيل جي ڪامياب تجربي تي سائنسدانن، انجنيئرز ۽ عسڪري قيادت کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير محسن نقوي چيو ته فتح – 4 ڪروز ميزائيل جو ڪامياب تجربو پاڪستان جي سائنسدانن، انجنيئرز ۽ عسڪري قيادت جو شاندار ڪارنامو آهي، قوم کي به فتح – 4 ڪروز ميزائيل جي ڪامياب تجربي تي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته پاڪ فوج جي سائنسدانن ۽ انجنيئرز جي محنت ۽ مهارت کي ساراهيون ٿا، ڪامياب تجربو ملڪ جي دفاعي تيارين ۾ اعتماد جوڳو قدم آهي، فتح – 4 ڪامياب تجربو ان عزم جو عڪاس آهي ته پاڪستان جو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو آهي.

مزید خبریں