اسلام آباد _ 30 سيپٽمبر ( اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ سياسي صورتحال، امن امان جي صورتحال ۽ پارٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وقتي صدر ۽ گورنر گلگت بلتستان ۾ تازي ٻوڏ ۽ شديد برساتن کانپوءِ جاري امدادي …
وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه جي مُلاقات

مزید خبریں
اسلام آباد _ 30 سيپٽمبر ( اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ سياسي صورتحال، امن امان جي صورتحال ۽ پارٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وقتي صدر ۽ گورنر گلگت بلتستان ۾ تازي ٻوڏ ۽ شديد برساتن کانپوءِ جاري امدادي ۽ نئين سر تعمير جي سرگرمين جو پڻ جائزو ورتو جنهن سان خطي ۾ وڏي پئماني تي نقصان ٿيو آهي. سيد يوسف رضا گيلاني ماڻهن کي ٿيندڙ نصانن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ متاثر خاندانن جي جلد کان جد بحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وفاقي ۽ گلگت بلتستان جي حڪومتي ادارن پاران ٺوس ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. گورنر سيد مهدي شاهه وقتي صدر کي گلگت بلتستان انتظاميا پاران بي گهر ماڻهن کي ريليف فراهم ڪرڻ ۽ ضروري خدمتن جي بحالي جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن گلگت بلتستان جي عوام جي لاءِ گهري دلچسپي ۽ حمايت تي وقتي صدر جا ٿورا مڃيا.











