اسلام آباد _ 30 سيپٽمبر( اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ ۽ فلسطيني عوام جي لاءِ منصفاڻي ۽ پائيدار امن جي حمايت ڪرڻ جي لاءِ ڀائر ملڪن ۽ آمريڪا سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ نائب وزيراعظم چيو ته سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، قطر، مصر، اردن، ترڪيه …
پاڪستان گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڀائر ملڪن ۽ آمريڪا سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي: اسحاق ڊار

مزید خبریں
اسلام آباد _ 30 سيپٽمبر( اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ ۽ فلسطيني عوام جي لاءِ منصفاڻي ۽ پائيدار امن جي حمايت ڪرڻ جي لاءِ ڀائر ملڪن ۽ آمريڪا سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ نائب وزيراعظم چيو ته سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، قطر، مصر، اردن، ترڪيه ۽ انڊونيشيا جي پنهنجي ڀائرن جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون، اسان جي قيادت ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ جي ٽرمپ سان ملاقات کان اڳ ۽ بعد ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 80هين اجلاس ۾ ڳالهه ٻولهه جي ڪيترن ئي دورن جي ذريعي اسان جي گڏيل ڪوششن جي لاءِ آمريڪي صدر اسان کي گڏيل بيان تائين وٺي آيو. هن چيو ته اسان غزه ۾ مصيبتن کي روڪڻ جي لاءِ فوري جنگبندي، انساني امداد جي بنا روڪ ٽوڪ فراهمي ۽ امن ۽ نئين سر تعمير طرف رستو کولڻ جي لاءِ آمريڪي صدر ۽ سندس ٽيم جي عرب اسلامي اڳواڻن سان ڌيان ڏيڻ جو قدر ڪريون ٿا. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان انهن گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ ۽ فلسطيني عوام جي لاءِ منصفاڻي ۽ پائيدار امن جي حمايت ڪرڻ جي لاءِ ڀائر ملڪن ۽ آمريڪا سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي.











