اسلام آباد _ 30 سيپٽمبر ( اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ هڪ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ پاڪستان جي واپاري ۽ معاشي سفارتڪاري کي اڳتي وڌائڻ جي حڪمت عملي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ يورپي يونين سان اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي موقعن تي غور ڪيو ويو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب يورپي يونين …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد _ 30 سيپٽمبر ( اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ هڪ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ پاڪستان جي واپاري ۽ معاشي سفارتڪاري کي اڳتي وڌائڻ جي حڪمت عملي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ يورپي يونين سان اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي موقعن تي غور ڪيو ويو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب يورپي يونين جو پاڪستان جي سڀ کان اهم واپاري حصيدارن ۾ ڳاڻيٽو ٿئي ٿو. اجلاس ۾ واپار واري وفاقي وزير، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، پرڏيهي سيڪريٽري، واپار واري سيڪريٽري، قانون، ماحوليات، هيومن ريسورس اينڊ ڊيولپمينٽ، انساني حقن، اطلاعات وارن سيڪريٽرين، برسلز ۾ پاڪستان جي سفير ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.











